اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستاني ٻوڏ متاثر لاءِ وڏي عالمي امداد ملڻ واري دعويٰ وائکي ٿي وئي، پوڻا 10 ارب ڊالر مان 9 ارب ڊالر قرض هجڻ جو اعتراف، وزيراعظم چيو آهي ته عالمي ادارن جا قرضن تي شرط آسان هوندا، وزيراعظم اٽي بحران جو ذميوار صوبائي حڪومتن کي قرار ڏيندي چيو ته ڪڻڪ وڏي تعداد ۾ موجود آهي، صوبا ڪردار ادا نه پيا ڪن، عوام تي رحم ڪريو. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪانفرنس انتهائي ڪامياب ثابت ٿي، ڪانفرنس جي ڪاميابي قوم جي دعائن جو نتيجو آهي. شهبازشريف چيو ته اِها ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر بحالي تائين ڪوششون جاري رکنداسين، بال هاڻي اسان جي ڪورٽ م آهي، هڪ، هڪ پائي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي تي استعمال ڪرڻي آهي، هاڻي اسان کي ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.  وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪانفرنس دوران گڏيل طور تي 9.7 ارب ڊالر امدا جا واعدا ڪيا ويا. وزيراعظم ٻڌايو ته سڀ کان وڏي امداد جو اعلان اسلامي ترقياتي بينڪ 4.2 ارب ڊالر جو ڪيو ويو. هن چيو ته عالمي بينڪ 2 ارب ڊالر ۽ ايشين انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ بينڪ 1 ارب ڊالر جو اعلان ڪيو، اي ڊي بي 500 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو، اٽلي 23 ملين يورو ۽ جپان 77 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو، قطر 25 ملين ڊالر ۽ سعودي عرب هڪ ارب ڊالر جو اعلان ڪيو. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو جنهن تي سندن ٿورائتا آهيون، آمريڪا طرفان به 100 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي، سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو جنهن تي سندن ٿورائتا آهيون. هوڏانهن وزيراعظم ملڪ ۾ اٽي بحران جو ذميوار صوبائي حڪومتن کي قرار ڏئي ڇڏيو، هڪ سوال تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ هجڻ باوجود صوبا ڪڻڪ جاري نه پيا ڪن، ڪڻڪ جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ صوبن جو ڪم آهي. شهباز شريف چيو ته صوبن ۾ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي صوبا عوام کي عذاب ۾ نه وجهن، مٿن رحم ڪن، اٽي جي بحران تي وزيراعظم چيو ته اٽي جو معاملو صوبائي آهي، صوبن کي ملن کي ڪڻڪ جاري ڪرڻي آهي. وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ هجڻ باوجود صوبا ذميواريون ادا نه پيا ڪن، صوبا ڪڻڪ ريليز نه پيا ڪن ته ان جو جواب انهن کان وٺو. صوبي جي عوام کي عذاب ۾ نه وجهو رحم ڪريو.