نئون ديرو(ن پ ا) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳوٺ الهورايو سولنگي، ڳوٺ سوني فقيرياڻي ۽ ڳوٺ ملوڪ کهڙو ۾ پهچي پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي تعمير ٿيندڙ گهرن جي هلندڙ ڪمن جو جائزو ورتو،جتي ڊي سي شرجيل نور چنو ۽ سرسو جي سي اي او ڏتل ڪلهوڙو بلاول ڀٽو زرداري کي گهرن جي تعمير جي هلندڙ ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڳوٺ الهورايو سولنگي ۾ 224 گهرن مان 88 گهر تعمير ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڳوٺ سوني فقيرياڻي ۾ 32 گهرن مان 24 گهر ۽ ڳوٺ ملوڪ کهڙو ۾ 114 گهرن مان 70 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسڪيم تحت ضلعي ۾ هڪ لک 22 هزار 500 گهر تعمير ڪيا ويندا. پ پ چيئرمين تعمير ٿيندڙ گهرن جا دورا ڪيا جنهن دوران عورتن سان ملاقات ڪري ٺهندڙ گهرن بابت تفصيل معلوم ڪيا. ڳوٺ سوني فقيرياڻي ۾ 4 عورتن کي زمين جي مالڪيءَ جا حق ڏنا ويا.ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته نون گهرن جي مالڪن کي ملڪيت جا حق ڏيڻ جو عمل عيد کانپوءِ شروع ڪيو ويندو ۽ خاص ڪري عورتن کي ترجيحي بنيادن تي حق ڏنا ويندا. گهر ٺاهڻ وارو واعدو پورو ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي، مالڪيءَ جا حق ملڻ کانپوءِ اهي گهر هڪ اثاثو بڻجي ويندا، جيڪي نسلن لاءِ ڪارآمد هوندا ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ٿي رهيو آهي.