ٻوڏ سهائتا جي اپيل کي موٽ ڇو نه ملي

0
101
ٻوڏ سهائتا جي اپيل کي موٽ ڇو نه ملي

 هلندڙ صدي ۾ پاڪستان ٽين وڏي قدرتي/ انساني آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي. 2022ع جي ٻوڏ کان اڳ 2005ع واري زلزلي ۽ 2010ع واري ٻوڏ کي انساني تاريخ جي وڏين تباهڪارين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، انهن ٻنهي موقعن تي عالمي برادري دل کولي امداد ڏني پر هن سال امداد جي اپيل جي موٽ ماٺي آهي. 2005ع ۽ 2010ع واريون تباهڪاريون به تمام سنگين هيون پر بين الاقوامي واهر سبب آفت سٽيلن کي مهلائتي سهائتا ملي وئي ۽ ماڻهن جا اهنج ڪجهه گهٽيا. هن ڀيري جڏهن تباهڪاري وڌيڪ شديد آهي سهائتا جي رفتار ۽ مقدار ٻئي گهٽ آهن.

                 آگسٽ مهيني جي پڇاڙي ۾ گڏيل قومن پاران شروعاتي ڇهن مهينن جي سهائتا لاءِ  160 ملين ڊالرن جي اپيل ڪئي وئي ته جئين تڪڙي واهر جي اوسيئڙي ۾ ويٺل 52 لک ماڻهن جي سهائتا ڪئي وڃي. ان کانپوءِ پاڪستان حڪومت ورلڊ بئنڪ، ايشيائي، يورپي يونين گڏيل قومن جي اداري جي فني مدد سان ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي ڪاٿي بابت                Post Disaster need Assesment رپورٽ تيار ڪرائي وئي. ان رپورٽ موجب ٻوڏ سبب مجموعي طور تي 30 ارب ڊالرن جي نقصان ٿيو ۽ بحالي لاءِ 163 ارب ڊالرن جي ضرورت ڏيکاري وئي.

سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۾ 60 کان 75 سيڪڙو تائين ڏيکاريو ويو، شعبن جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ نقصان گهرن جو ڏيکاريو ويو، جنهن جو ڪاٿو 1200 ارب رپيا لڳايو ويو، جڏهن ته زراعت، خوراڪ، چوپائي مال ۽ ماهيگيري جي شعبي ۾ 800 ارب رپين جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو. نقصانن بابت ان رپورٽ کانپوءِ عالمي امداد جي هڪ نئين اپيل جاري ڪئي وئي، ان اپيل ۾ هنگامي ضرورتن جي پورائي لاءِ 816 ملين ڊالرن جي گهر ڪئي وئي، ان اپيل هيٺ 95 لک ماڻهن کي تڪڙي واهر پهچائڻي آهي، ايڏي وڏي نقصان ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي ذاتي دوري اپيل جي باوجود هينئر تائين 171ملين ڊالرن جي واهر پهتي آهي، جيڪڏهن اپيل کان سواءِ مليل 126 ملين ڊالرن جي رقم به گڏائجي ته به ڪل رقم 297 ملين ڊالر  بنجي ٿي. اپيل جي موٽ ۾ مليل رقم ان جو 21 سيڪڙو مس آهي، ياد رهي ته 2010ع جي ٻوڏ وقت پاڪستان کي  3.2 ارب ڊالرن جي سهائتا ملي هئي، ان لحاظ کان ڏسجي ته هينئر تائين مليل ڪل امداد 2010 ع واري امداد جو 9 سيڪڙو مس بنجي ٿي.

2010ع واري ٻوڏ سان نقصان جي انگن اکرن جي سرسري ڀيٽ ڪرڻ سان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن سال ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان 2010ع جي ڀيٽ ۾گهڻو وڌيڪ آهي، 2010ع ۾ ٻوڏ سبب نقصان جو ڪاٿو  10 ارب ڊالر هيو، جيڪو هن سال جي 30 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ ٽين پٽي آهي. هن سال 88 لک ايڪڙن تي فصلن جو نقصان 2010 جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي، ساڳي طرح 2010ع ۾ 11 لک گهرن کي پهتل نقصان جي ڀيٽ ۾هن سال 22 لک گهرن کي نقصان پهتو آهي، هر لحاظ کان هن سال وڌيڪ نقصان ٿيو آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ امداد گهڻي گهٽ ملي رهي آهي.

عالمي امداد گهٽ اچڻ جا ڪارڻ ڪيترائي ٿي سگهن ٿا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن.

جڏهن کان افغانستان واري ويڙهه ماٺي ٿي آهي بين الاقوامي طاقتن لاءِ پاڪستان جو ڪردار ۽ اهميت به گهٽجي ويا آهن، سپر پاور افغانستان واري معاملي ۾ پڇاڙڪي پاڪستان جي ڪردار کان به ارها آهن، ساڳي وقت بين الاقوامي امدادي ادارن جي اسٽريٽيجڪ اوليت يوڪرين وارو محاذ آهي، ان کانسواءِ ڏکڻ سوڊان، يمن، شام،عراق ۽ افغانستان ۾ رتوڇاڻ ۽ تڪرارن سبب پيدا ٿيل صورتحال به سندن اوليتن ۾ آهي.

اهڙي طرح ڊونر ادارن جو چندو انهن پاسي وڌيڪ خرچ ٿي رهيو آهي، 2010ع واري ٻوڏ ۾ وڏي سهائتا فراهم ڪندڙ اهم بين الاقوامي اين جي اوز کي به 2015ع کانپوءِ ملڪ نيڪالي ڏني وئي. سيڪيورٽي جي نالي تي اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو جو ملڪ ۾ پرڏيهي اين جي اوز جو ڪم ڪرڻ عملي طور ناممڪن بڻجي پيو. آڪسفيم، ايڪشن ايڊ، پران انٽرنيشنل جهڙا وڏا ادارا آفيسون ۽ ڪم بند ڪري ويا جڏهن ته ڪيترن ئي ٻين اين جي اوز جو ڪم نالي ماتر وڃي بچيو آهي. ان سبب پڻ بين الا قوامي امداد گهٽجي وئي۽ رليف واري ڪم جي معيار ۾گهٽتائي آئي آهي.پاڪستان سرڪار توڙي گڏيل قومن پاران اپيل جي رقم به تمام گهٽ رکي وئي ان اپيل ۾ به رڳو رقم جو ذڪر آهي باقي ان سان ڪي پراجيڪٽ ۽ ٻيا وچور به ناهن ڏنل، بين الاقوامي واهر جي اپيل جون گهرجون به پوريون ناهن ڪيون ويون.

هن ڀيري ٻوڏ جي تباهي گهڻي ڀاڱي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿي جنهن ڪري به دلچسپي ۽ سرگرمي گهٽ نظر آئي انهن صوبن جا ماڻهو ملڪ کان ٻاهر تمام گهٽ رهن ٿا ۽ اهم فيصلا ڪندڙ فورمز تي به  سندن نمائندگي ناهي، پرڏيهه مان سرندي وارن ماڻهن توڙي خيراتي ادارن جي موٽ به ان ڪري ٿڌي رهي. سنڌ حڪومت  صوبي اندر ٿيل نقصانن کي ملڪ اندر توڙي ٻاهر اهم فورمز تي اڀاري نه سگهي، اهو ڪم روايتي بيانن وسيلي نه پر هڪ لڳاتار تحريڪ ۽ حڪمت عملي هيٺ ڪيو ويندو آهي ان قسم جي ڪا به سنجيدهه ڪوشش سرڪاري سطح تي نه ٿي، البته ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين قرض ڏيندڙ ادارن سان لهه وچڙ نسبتن بهتر رهي جنهن سان چڱو موچارو قرض ملڻ جي اميد نظر اچي ٿي اهو قرض ٻوڏ سٽيلن جي بحالي سان ڳانڍاپيل آهي تنهنڪري ڪجهه نه ڪجهه واهر ٿيندي.

 هڪ راءِ اها به آهي ته بين الاقوامي ڊونر ملڪ ۾ حڪمراني ۽ شفافيت واري نظام تي ڀروسو نه ٿا ڪن،تنهنڪري امداد ۾ دلچسپي نه ٿا وٺن مون کي ان دليل ۾ ڪو وزن نه ٿو نظر اچي، 2010ع ۾ به ته زرداري/ پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي جڏهن امداد ڏيڻ ۾ ايڏي سخاوت ڪئي وئي هئي، ٻي ڳالهه ته اها بين الاقوامي امداد حڪومت وسيلي نه پر گڏيل قومن جي ادارن وسيلي خرچ ٿيندي آهي.

تنهنڪري ان ۾شفافيت وارو معاملو ايترو گنڀير نه هوندو آهي.

دراصل امداد بنيادي طور انساني هجڻ سان گڏ سياسي به  هوندي آهي، جنهن ملڪ يا خطي ۾ حڪمت عملي جي حوالي سان دلچسپي هوندي آهي اتي سهائتا تڪڙي پهچندي آهي، 2010ع ۾ اڃا افغانستان وارو معاملو گرم هو ۽ دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان اڳيون مورچو هو، تنهنڪري سپر پاورز ان تي مهربان هئا، هاڻي خطي جي صورتحال مٽجي چڪي آهي ۽ پاڪستان اڳ جيترو اهم نه هجڻ سبب انساني واهر ۾ به اوليت نه ٿو پيو ماڻي.