ميڊرڊ (انٽريسٽنگ نيوز) اسپين ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ دوران 3 ڏينهن تائين انڊر پاس اندر گاڏي ۾ ڦاٿل رهندڙ عورت معجزاتي طور زنده بچي وئي، اهو واقعو Benetússer نالي علائقي ۾ پيش آيو، جتي اها عورت (سندس نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو) سفر ڪري رهي هئي، جڏهن سندس گاڏي ٻوڏ جي ڇولين ۾ ڦاسي وهڻ لڳي، اها گاڏي ٻوڏ جي ڇولين سبب هڪ انڊر پاس ۾ پهچي وئي ۽ ٻين گاڏين جي هيٺان دٻجي وئي، پهرين نومبر تي ان انڊر پاس ويجهو امدادي ڪم ڪندڙ ماڻهن “ڊاڪٽر، ڊاڪٽر” جا آواز ٻڌا ته اهي اتي ويا، انهن کي اهي آواز گاڏين جي ڍير هيٺان اچي رهيا هئا، ڪيترن ڪلاڪن جي محبت بعد اهي گاڏين ۽ ملبي کي هٽائي رستو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ عورت کي آزاد ڪرائي ورتو، عورت کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقامي ميڊيا عورت جي بچي وڃڻ کي معجزو قرار ڏنو آهي، سول پروٽيڪشن سروس جي سربراهه مارٽن پيريز جو چوڻ آهي ته “3 ڏينهن بعد اسان ڪنهن کي گاڏي ۾ زنده هٿ ڪيو، جيڪو ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي”، ياد رهي ته اسپين جي مختلف حصن ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 217 ٿي ويو آهي.