ٻوڏ بعد شعور ڏيڻ جي ضرورت

0
30

آئون سنڌ وزن جي هن پليٽ فارم  تان سڀني معزز ساٿين کي گذارش ڪندس ته بارش جو مسئلو ختم ٿيڻ کانپوءِ هر ضلعي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪن جيڪي ڀل هفتي ۾ هڪ ڏينهن شهر جي پاڙن ۽ خاص آسپاس جي ڳوٺن ۾ وڃي انهن کي صرف شعور ڏين، تمام گهڻين شين جي شعور ڏيڻ جي ضرورت آهي، مثال طور: ڪجھه هي مشورا ته ٻارن کي لازمي تعليم ڏيارائن، پنهنجي ٻارن جا ب فارم ٺهرائن، محنت مزدوري ڪن، ڪوئي ننڍو ڪاروبار کولن، حيثيت آڌار ڪيئن ترقي ڪري سگهن ٿا، گهر ۾ سيفٽي سان ڪيئن رهي سگهجي ٿو، فضول وقت وڃائڻ سان نقصان ڪيترا ٿين ٿا، ڪفايت شعاري ڪيئن ڪجي، ٻارن کي بيمارين کان ڪيئن بچائي سگهجي ٿو وغيره وغيره۔ اهڙي قسم جي ٽريننگ به انهن ٽيم ميمبرن کي ڏئي سگهجي ٿي، ان سان تمام گهڻو سنڌ جي عوام کي فائدو پوندو، اهڙي قسم جي موٽيويشن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇو جو متاثرين سان اسڪولن ۾ ملندي انهن سان حالي احوالي ٿيندي گهڻن قسمن جي علمي ۽ شعور جي گهٽتائي نظر آئي ۽ انهن اهو به چيو ته اسان کي اهڙيون ڳالهيون ڪير ٻڌائيندو، پڙهيل لکيل ماڻهو اسان سان ڳالهائڻ پسند ناهن ڪندا، سمجهائيندو ڪير!!! جيڪڏهن اهڙي قسم جو عمل ڪيو وڃي ته سڀ کان پهريان مان اڳ ۾ هوندس، اها ڪوشش ڪندو به اچان ٿو. (فيس بوڪ تان ورتل)