ٻوڏن کانپوءِ نئين سنڌ جي تعمير

0
164
2022 جي ٻوڏ جا ڪجھه اھم سبق

 دُنيا جي ملڪن ۾ جڏھن ڏُکيا وقت، آفتون ۽ تباھيون قومن مٿان اينديون آھن ته ڪي قومون پنھنجون طاقتون ۽ وقار وڃائي ويھنديون آھن ته ڪي وري ھڪ نئين عزم، حوصلي ۽ ولولي سان نه صرف ان انتھائي ڏکئي وقت مان اڪري پار پونديون آھن بلڪه دنيا جي آڏو اُتساھھ ۽ جياپي جو نئون مثال قائم ڪنديون آھن. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جو يورپ ۽ جاپان ان جو مثال آھن. ان کانپوءِ ڪيترن ئي ملڪن تي ڪيتريون آفتون آيون، انھن نئين اميد سان پنھنجي ملڪ ۽ ماڻھن لاءِ بھتر مستقبل جون راھون کولي ڇڏيون. ھندي وڏي سمنڊ ۾ آيل 2004ع جي سونامي ھجي يا پاڪستان ۽ ھندستان ۾آيل 2005ع جو زلزلو ھجي، اسان ڏٺو ته ڪيئن انڊونيشيا پنھنجي ملڪ جي ھڪ پٽ ٿيل حصي کي اُٿي کڙو ڪري  شھرن ۽ معاشري جي اڏاوت ڪئي. ساڳئي طريقي سان پاڪستان ڦٽل ڪشمير کي نئين جدت، طاقت ۽ بھتري سان بحال ڪيو. ھن وقت پاڪستان ۽ سنڌ کي اھڙي جذبي، انتظام ڪاري، پاليسي ، ادارتي ۽ سياسي بصيرت ۽ عوام ڏانھن سچائي ڏيکارڻ جي ضرورت آھي.

سنڌ اڃان تائين چؤماسي واري چؤ طرفي ٻوڏ ۾ ڦاٿل آھي. آفتن جي صورت ۾ پھريون مرحلو ماڻھن جي زندگي بچائڻ لاءِ جتن ڪرڻو ھوندو آھي. ٻي مرحلي ۾ ماڻھن کي عارضي طور تي ٿانيڪو ڪري زندگيءَ جي رستي تي لاھبو آھي. ٽئين مرحلي ۾ جيڪي اقتصادي، روزگار، سماجي، بنيادي ضرورتن وارا سرشتا، روڊ رستا، اسپتالون، تعليم، زمينون، ڪاروبار بحال ڪرڻا ھوندا آھن. ھي مرحلو ڪڏھن ڪڏھن ڪافي سال وٺي ويندو آھي. چوٿين مرحلي ۾ ڪنھن به آفت جي صورت کي منھن ڏيڻ لاءِ بھتر  تياري ۽ نظام برپا ڪرڻو ھوندو آھي. حڪومتي ادارن پھرين مرحلي سان گڏوگڏ ٻي مرحلي جي تياري ڪرڻ شروع ڪئي آھي. ھي انتھائي اھم وقت آھي، جنھن ۾ ھڪ بھتر، عوام دوست، سگھاري ۽ نئين سنڌ جا بنياد رکي سگھجن ٿا. جيئن مون شروع ۾ عرض ڪيو ته آفتون قومن لاءِ نئين سوچ، سچائي، اعتماد ۽ اُميد جا نوان پيغام کڻي اينديون آھن. اسان کي پڻ ھن ٻوڏ جي تباھي مان ھڪ مضبوط سنڌ جنھن جا سڀ ماڻھو بھتر ۽ سگھاري زندگي گذاري سگھن، جا بنياد رکڻا آھن. سنڌ ۾ پوين ٻن ڏھاڪن ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ٻھراڙي جي غربت وڌي آھي. اقتدار ۽ حڪومت جا دروازا جن ماڻھن ۽ طبقن کي ڏيکاريا ويا، ان جو بنيادي سبب عام ماڻھن جو ووٽ آھي، جنھن جي طاقت تي افراد ۽ خاندان سياسي، مالي، سماجي ۽ اقتصادي طؤر تي سگھارا ٿيا. وقت سان وڌندڙ طاقت ۽ پاور ھنن کان اِھا ڳالھھ وساري ڇڏي ته پاڪستان جي آئيني ڍانچي جي ڪري عام ماڻھن ھنن کي پنھنجو نمائندو ڪري ايوانن ۾ موڪليو. ان سان گڏ سياسي حڪومت جي آدرشن، رٿابندي ۽ مينيفيسٽو کي عمل ڪرائڻ لاءِ ادارا ٺھيل آھن، جن ۾ ويٺل ڪامورا، ٽيڪنوڪريٽ ۽ ٻيا عملدار عوام جي خدمت لاءِ آھن ۽ عوام جي ڏنل ٽيڪسن مان سندن پگھارون، مراعتون، وڏ ماڻھپو ۽ عزت ڦٽي نڪري ٿي. ھڪ جمھوري معاشري ۾ عام شھري سان حڪومتي ۽ ادارن جو برابري جي بنياد تي سماجي رشتو قائم ھوندو آھي. ان ۾ ڪٿي ڪٿي، ڪڏھن ڪڏھن ھيٺ مٿاھين ٿي ويندي آھي،

جنھن کي اتان جا ٻيا آئيني ۽ سوشل ادارا چئلينج ڪندا آھن. پاڪستان جو وجود جمھوري عملن جي نتيجي ۾ آيو ۽ پاڪستان جو آئين اسلامي جمھوري آھي، جنھن ۾ سڀن شھرين جا برابر جا حق آھن. اقتدار ۾ ڊگھي وقت تائين رھڻ ڪري ۽ جمھوريت جي گندي (چادر) ۾ غير جمھوري روين جي  پروان چڙھڻ جي ڪري بدقسمتي سان پاڪستان ۽ سنڌ ۾ عام ماڻھن ۽ اقتدار ڌڻين ۾ ويڇا وڌندا ويا ۽ ھاڻ وڃي حاڪم ۽ محڪوم واري درجي تي پھتا آھن. جمھوري نظام ۽ جمھوريت لاءِ ويڙھھ ۽قربانيون پاڪستان جي تاريخ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کان وڌيڪ ڪنھن نه ڏنيون آھن، سنڌ جي ماڻھن پارٽي جي انھن روين سبب پارٽي کي پنھنجي ساھھ سان سانڍيو آھي. ھن ڏکئي وقت ۾ وزيراعليٰ سنڌ ھر جاءِ تي ماڻھن سان گڏ بيٺو آھي. پارٽي جي ان اساس۽بنياد کي ھاڻ ھر اُن ليڊر کي سمجھڻو آھي، جنھن عام ماڻھن کان ووٽ وٺي پنھنجي ۽ ماڻھن جي وچ ۾ ديوارون کڙيون ڪري ڇڏيون ۽ طاقت جو سرچشمو عوام جي بجاءِ ڪنھن ٻي ھنڌ کي سمجھڻ شروع ڪيو. سنڌ جي ماڻھن جي پارٽي سان وفا جي جواب ۾ حاڪم ۽ محڪوم واري مساوات کي تبديل ٿيڻو آھي. ان ڪري پھريان ته ٻڏل سنڌ کي پاڻيءَ مان ڪڍي زندگيءَ ڏانھن موٽائڻو آھي ۽ ان کانپوءِ جيڪو ريڪنسٽرشن Reconstruction  / وري اڏاوت ۽ بحالي وارو ڪم آھي، ان کي ميرٽ، صاف، کليل، تڪليف ۾ آيل ماڻھن جي ضرورت ۽ مرضي سان ڪيو وڃي. 2010ع جي ٻوڏن جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت ھڪ کليل ۽ اھم فيصلو ڪيو ھو ته بندن جي اڏاوت ۽ بحالي جي ڪمن ۾ ڪنھن به قسم جي ٻه نمبري، رشوت يا معيار ۾ گھٽتائي وارو ڪوبه ڪڌو ڪم نه ڪيو ويندو. نتيجي ۾ سائين محمد ادريس راجپوت جي ٽڪنيڪل ڪنسلٽنسي ۽ سنڌ اريگيشن جي انجنيئرنگ ٽيم جي نگراني ۾ سنڌوءَ جا بند وڌايا ۽ مضبوط ڪيا ويا. ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي مالي مدد سان ڪيل انھن ڪمن جي ڪري 2010ع کانپوءِ اڄ تائين درياءِ سنڌ ۾ ايندڙ ھر ٻوڏ کي چڱي ريت سمنڊ تائين پھچايو ويو آھي. ھن وقت اھڙي ئي عزم جي ضرورت آھي. ھونئن به جيڪوبه خرچ ٿيڻو آھي. جيڪي به ڪم ٿيڻا آھن، اھو سڀ ڪجھھ عوام جي لاءِ ۽ عوام جي پئسي سان ئي ٿيڻا آھن. بجيٽون، پراجيڪٽ، اسڪيمون ۽ بحالي جو ھر ھڪ ڪم ڪنھن جو به عوام  جي مٿان ذاتي ٿورو ڪونھي بلڪ اِھو ته عوام جو حق آھي.

نئين تعمير/ اڏاوت جي لحاظ کان ڪجھھ بنيادي ڳالھيون گوش گذار ڪيان ٿو:

حڪومت جا ادارا موجود آھن کين خبرآھي ته ڪنھن کي ڇا ڪرڻو آھي ۽ ڪيئن ڪرڻو آھي، ان جا طريقا، قانون ۽ قاعدا اڳ ۾ جڙيل آھي، صرف ھن دفعي ايئن ڪرڻو آھي ته ان ۾ پراجيڪٽن کي واضح نموني، تڪڙي فيصلي سازي سان ۽ بنا ڪنھن رنڊڪ جي اڳتي وڌايو وڃي ته جيئن ماڻھن تائين سھولتون جلد پھچي سگھن.

ڇاڪاڻ ته ھر ھڪ شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي جيئن روڊ، ناليون، آبپاشي، صحت، تعليم وغيرھھ، ان ڪري انھن ادارن جي پاڻ ۾ سھڪاري ڪرت بھتر ھجي. سرڪاري ادارا گھڻو ڪري ڪُنڊائتا ٿي پنھنجو ڪم ڪندا آھن. آفتن کان پوءِ واري صورتحال ۾ انھن سڀن ادارن کي پنھنجو پاڻ کي کليل ۽ نظر ايندڙ رکڻو پوندو.

ڪھڙي شعبي ۾ ڪھڙا ڪم ٿيندا، ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿيندا ان جي باري ۾ جيئن دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ ٿئي ٿو، بلڪل واضح ڪري ھڪ مربوط معلوماتي نظام تحت سڀن کي/ عوام کي ٻڌايو وڃي. گھڻو ڪري ادارا پنھنجين ويب سائيٽن تي معلومات رکندا آھن پر ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ھڪ وسيع آبادي انٽرنيٽ/ ويب سائيٽ کي نٿي ڏسي، ان ڪري ان کي عام فھم ڪري اخبارن ۽ ريڊيو، ٽي وي ۽ ٻين ذريعن وسيلي ٻڌايو وڃي.

اسان وٽ عام حالتن ۾ ھلندڙ پراجيڪٽ گھڻي سست روي ۽ مسئلن جا شڪار ھوندا آھن. اسان وٽ پراجيڪٽ مينيجمينٽ جي فني ماھرن جي تمام گھڻي کوٽ آھي. ٻيو اِھو ڪنھن کي ڪھڙي جاءِ تي رکڻو آھي، ان فيصله سازي ۾ تمام ظاھر ۽ غائب عنصر اچيو وڃن. ان ڪري ان ڳالھھ کي ذھن ۾ رکندي، عوام ڏانھن پنھنجو پاڻ کي جوابدھ ھئڻ جو ثبوت ڏيندي، ميرٽ/ اھليت ۽ صلاحيت جي بنياد تي تقرريون ڪيون وڃن. ترقي جي اسڪيمن کي ھلائڻ جو جيڪو مروج گھاڙيٽو ۽ نظام آھي ان ۾ ڪِي قدر بھتريون ڪري ان ۾ شفافيت آندي وڃي.

اسان کي ھنن ٻوڏن مان يا ھن کان اڳ وارين ٻوڏن مان تجربو ٿيو ته ڪھڙن ضلعن، علائقن ۾ ڪھڙيون سرڪاري عمارتون ۽ اڏاوتون ڪيتريون ٻڏيون (۽ ڇو ٻڏيون) ان ڪري جيڪا به نئين تعميرات ڪرائي وڃي، ان لاءِ ھن وقت واري پاڻي واري سطح ڏسي پوءِ ڪرائي وڃي. خاص ڪري لاڙ ۽ ڪچي ۾، يا جتي ڊرينيج سسٽم جو وجود ئي ڪونھي. اتي سڀئي عمارتون زمين کان مٿي، فريم اسٽرڪچر ۽ اھڙي نموني ٺاھيون وڃن جو ٻوڏ اچڻ جي صورت ۾ خراب نه ٿين. ان جي ڪري پئسا ته وڌيڪ خرچ ايندا پر ھر ٻوڏ کان پوءِ انھن کي وري ٺاھڻو نه پوندو.

جن ماڻھن لاءِ اھي ڪم ڪيا ٿا وڃن، انھن جي راءِ کي ضرور شامل ڪيو وڃي. خاص ڪري عورتن، ٻارن جي راين کي پڻ ڏٺو وڃي. سرڪاري ڪم عوام جي لاءِ آھن ۽ عوام جا آھن.

ھن دفعي خاص ڪري روڊ رستن جھڙين اڏاوتن لاءِ جتي جتي پاڻي جي قدرتي وھڪري ۾ روڪ آئي آھي، اتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ گنديون ۽ ڪلورٽ وڌا وڃن. ان ڳالھھ جي خصوصي جانچ ڪئي وڃي ته ڪٿي نئين اڏاوتن جي ڪري وري پاڻي جي رستي جي روڪ ته نٿي ٿئي.

حڪومت سنڌ اڳ ۾ ئي ترقي جي اسڪيمن لاءِ جي آءِ ايس ۽ ان جا ڪوراڊينيٽ پڻ شامل ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيو آھي ته جيئن خبر پئجي سگهي، ڪم ڪٿي ٿي رھيو آھي ۽ ان کي آرام سان نقشي تي پڻ چٽي سگهجي. اھڙا فني ڪم وڌائڻ سان پڻ ڪمن جي شفافيت وڌندي.

جيڪو به وري تعمير وارو ڪم ٿي ان کي جيڪڏھن گڏيل انداز ۾ ڏسجي ته لڳي ان سان سنڌ جي مظلوم  ۽ مصيبت ۾ آيل عوام لاءِ واقعي آسانيون  بڻايون پيون وڃن.­

شفافيت،شفافيت۽شفافيت سان ڪم ڪرڻاآھن.