ڪنهن کي به اندازو نه هو. چوماسي جي شروعاتي ڏينهن ۾ برسات معمول کان وڌيڪ هئي ۽ اھو درياھ جنھن ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ واري پئي اڏامي تنھن ٻڏڻ شروع ڪيو. پاڻي جي سطح خطرناڪ شرح تي وڌڻ شروع ڪيو، ۽ ماڻھن جي اک تڏھن کلي جڏھن پاڻي انھن جي کٽن جي پاڳن تان چڙي سندن بسترا پسايا. سندن ڪو رد عمل اچي ان کان پھريان ئي گھرن جون ڇتيون آسمان کان لڪڻ لڳيون. ٻوڏ جو پاڻي گهٽين مان ائين وهي رھيو ھو ڄڻ تہ گھر ٻنا ھجن ۽ ڳوٺ ڪمند جو فصل. گهر، ڪاروبار ۽ ڳوٺ تباھ ٿيڻ لڳا. ماڻھو زندگي بچائڻ لاءِ مٿانهون زمينون ڳوليندا رھيا، جڏھن ڪجھ نظر نہ آيو تہ انھن گھرن جي ڇتين ۽ وڻن جو سھارو ورتو. بي وسي جي انتھا ان ڪا وڌيڪ ڇا ٿي ٿي سگھي، ھڪ ھٿ ۾ معصوم ٻار تہ ٻي ھٿ ۾ سندن حياتي. ٻوڏ جي شدت امدادي ڪمن ۾ رنڊڪون وڌيون، رستا واھن ۾ تبديل ٿي چڪا ھئا. صورتحال ڏينھن گذرڻ سان خراب ٿيندي وئي. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ سامان جي بدلي آس ۽ اميد بچي. فوج، نيوي ۽ ٻين ادارن کي سرگرم ڪيو ويو. ادارن بچاء ۽ امدادي ڪوششن ۾ مدد جاري رکي. هيلي ڪاپٽرن ذريعي کاڌ خوراڪ ۽ امدادي سامان ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن تائين پھچايو ويو. وڌيڪ متاثر ٿيل علائقن ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ ٻيڙيون استعمال ۾ آنديون ويون پر ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين مدد حاصل ڪرڻ کان قاصر هئا. ان تباهي جو شاھد سنڌ جو ھر فرد آھي. جيڪڏھن مايوسي جي ٽڪڙي جو توازن ڏسڻو آھي تہ خيرپورناٿن شاھ جي ماڻھن جي چھرن کي غور سان ڏسو. ان ظالم چادر نہ صرف کڏون ڍڪيون پر گهر، تيار فصل ۽ روڊن تي قابض ٿي. زندگي جي نقصان کان وڌيڪ تباهي ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي، ڪيترن ئي ماڻهن کان حياتيون کسيون ويون، ڪي پاڻ ھن دنيا مان ويا تہ ڪن جا پيارا. زندگي تہ آخر زندگي آھي پوءِ انسان جي ھجي يا پکي پکڻ، جيت جيوڙن يا جانورن جي. پر ماڻھن کان ھر اھا شئي کسي وئي جيڪا انھن لاءِ ڪارائتي ھئي. ڇا آفتن بابت ۽ آفت جي وقت پنھنجي بچاءُ بابت ماڻھن کي ڄاڻ يا سکيا ڏيڻ حڪومت جي زميواري نہ ھئي؟ ڇا ٻوڏ کان پوء ايندڙ ٻين سماجي، معاشي، ذھيني ۽ جسماني تباھن کي منھن ڏيڻ لاءِ ذريعا پيدا ڪرڻ رياست جي زميواري نہ ھئي؟ اھڙا ذريعا جن سان وڌيڪ نہ تہ گھٽ ۾ گھٽ پاڻي کي پيئڻ لائق ٺاھي سگھي؟ ڇا ٻوڏ ۾ بہ نہ سڙڻ واريون فصل جون جنسون پيدا ڪرائڻ بہ رياست جي زميواري نہ ھئي؟ سوال اڻکٽ آھن. مون کي لڳي ٿو شايد حڪومت جي ذميواري عوام تي حڪومت ڪرڻ بہ نہ آھي؟ زماني جي حقيقت کي بيان ڪري سگھان اھو منھنجي وس ۾ نہ آھي. ٻوڏ ڪئي زندگيون کڻي وئي، سي شايد ھاڻ وسرڻ لڳا آھن يا اسان ياد نٿا ڪرڻ چاھيون، جيڪي زندھ بچيا سي بيمارين ۾ مبتلاءَ آھن، ٿي سگھي ڪنھن ٻي تباھي جي انتظار ۾ ھجن. جن علائقن مان پاڻي نيڪال ٿي ويو، اتي زمين خراب ٿيڻ ڪري فصل سٺا نہ ٿيا آھن. ڪٿي ڪڻڪ جو لاٻارو تہ ڪٿي ٿريشر پئي ھلي، کوڙ اھڙا علائقا بہ آھن جتي پاڻي اڃان تائيڻ بيٺل آھي. سنڌ جو پڙھيل لکيل ماڻھو پريشان آھي تہ آخر ڇا ٿيندو؟