سکر/گمبٽ(نمائندن وٽان) سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي چيئرمين اسحاق سميجو جي اڳواڻي ۾ شروع ڪيل قومي مھم سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي جي عنوان سان جاري آهي، ان سلسلي ۾ مخصوص گاڏي ذريعي حيدرآباد کان نڪتل ٽيم سنڌ جي مختلف شهرن کان ٿيندي گمبٽ،کھڙا، درٻ ميھر شاھ پهتي، جتي سياسي سماجي اڳواڻن، استادن، شاگردن ۽ شھرين سميت ٻين آجيان ڪندي گلن جي ورکا ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ماڻهن صحيون ڪيون، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌي هزارين سال قديمي ٻولي آهي ۽ انگريز حڪومت کان وٺي سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان قرار ڏنل آهي، تنهنڪري سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ضرور ملڻ گهرجي، هوڏانهن سکر پريس ڪلب، آرٽس ڪائونسل توڙي مختلف هنڌن تي سکر جي نوجوانن، بزرگن، اديبن، شاعرن ، صحافين، ٻارڙن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ صحيح مهم ۾ حصو ورتو.