ٻولي، ڌرتي، علم، ادب ۽ ثقافت سان محبت

0
17

لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر ڪمال الدين ڄامڙو جو جنم 1 آگسٽ 1972ع تي لونگ خان ڄامڙو جي گهر راڻيپور ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. سندس نالو سنڌي ادب جي اهم محقق، نقاد ۽ لوڪ ادب جي پارکن ۾ ڳڻجي ٿو. محقق، مرتب ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڪتابن جي ڇپجڻ ۾ خود ڪفيل رهيو. سندس 15 کان مٿي ڪتاب، جن جا موضوع سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ خاص طور لوڪ ادب آهن، ان کانسواءِ هن انيڪ مضمون ۽ مقالا لکيا. ڪيترن ئي سيمينارن، علمي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪيا. سندس ٻي سڃاڻپ خاص، ريڊيو ۽ ٽي وي معرفت آهي. ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ ٽيليويزن جي مختلف چينلن تان پروگرام ڪيا. جن ۾ رهنما (ديني پروگرام) روشن راهون (نوجوانن لاءِ پروگرام) اسپورٽس ٽائيم ۽ ريڊيو جا “باتين اپني مهران ڪي”، “سنگم”، “خُوشبو”، “محنت ڪشون کي آواز” ۽ ٻيا پروگرام آهن. مطلب ته براڊ ڪاسٽنگز جي دنيا ۾ سندن خدمتون مڃڻ جوڳيون آهن. سندن سماجي ڪمن جي فهرست پڻ بيان ڪرڻ لائق آهي. سرهاڻ ويلفيئر ايسوسيئيشن قائم ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت خاص طور ڪراچيءَ جي ڳوٺن ۾ تعليم، صحت ۽ ثقافت جون خدمتون سرانجام ڏنيون. 2010ع ۾ سيلاب متاثرين ٻارن لاءِ اسڪول کوليائين، جنهن ۾ ڪيترائي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. آرٽ ۽ ادب جي انيڪ شخصيتن کي متعارف ڪرايو اٿن ته مهراڻ ميڊيا سروس پاران قرآن پاڪ جي ڪجهه سورتن جي ترجمن جون ۽ ٻيون سي ڊيون پروڊيوس ڪيائين.

ڊاڪٽر ڪمال، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي ۾ سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر ڪمال جي ڇپيل ڪتابن ۾ وڏو انگ لوڪ ادب ۽ صوفي شاعرن جي باري ۾ آهي. سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب هن ريت آهن. “شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ پاڪستان ٻولين جا صوفي شاعر.” 1998ع طارق عزيز شيخ سان گڏ، “سنڌي ثقافت جا امر آواز” (2003) “سنڌوءَ جا گيت” (2008) هي ڪتاب ڊاڪٽر ڪمال جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز بعنوان “سنڌي لوڪ گيتن جو تحقيقي جائزو” آهي، جنهن جو ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ مهل عنوان سنڌو جا گيت رکيل آهي ۽ ڪلچر ۽ ثقافت کاتي شايع ڪيو آهي.“ڪتيم ڪين ڪي”(مقالا)، لطيف شناسيءَ تي. 2014) “ڪراچي جا اديب ۽ شاعر”(2007) “لطيف ذهني چٽاڀيٽي”، (2005) “سنڌي لوڪ ادب”(مضمون ۽ مقالا -2013) “رسالو ڳجهارت”(2015) “لوڪ رنگ لقمان جا” (2015) “پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب”(2015) “سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي اڀياس”،(2016) ان کان سواءِ ڪي ڪتاب ۽ مخزن ايڊٽ ڪيا اٿس، جن ۾ ڪارونجهر، وينجهار، موتي مور ملوڪ جا ۽ ٻيا ڪتاب آهن.

لوڪ ادب تي لکيل سندن ڪتاب “ڪچهريءَ جا مور” ۽ “شاهه عبدالطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا شاعر” موجوده وقت سي ايس ايس جي نصاب ۾ شامل آهن. “سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي اڀياس”، مارچ 2016ع ۾ سنڌي لوڪ ادب جي 1970ع کان 2013ع تائين ٿيل تحقيق جو جائزو ڏنل آهي ته ميمڻي لوڪ ادب ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمت ۽ سگهڙ محمد لقمان کوکر جي سگهڙائپ سان گڏ، سگهڙن جي پرامن سماج اڏڻ جي ڪردار تي روشني وڌل آهي، ان کان سواءِ سنڌي لوڪ ادب جون تحقيق کان رهجي ويل صنفون پڻ ڄاڻايون ويون آهن.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جو پي ايڇ ڊي جو مقالو “سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو “آهي. ان کان سواءِ عبدالحسين شاهه موسوي، الله بخش نظاماڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي،  ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ۽ ولي محمد پيرزادو ۽ ٻين جو ڪم ملي ٿو.

لوڪ ادب کي محفوظ ڪرڻ معنيٰ پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ کي هميشه لاءِ زنده ڪرڻ، اهو صدري خزانو جن اڻ ملهه شخصيتن جي دلين ۾ موجود آهي، ان کي ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ لاءِ محققن کي وڏيون محنتون ڪرڻيون پيون آهن. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو موجب ته:

“اهي سادي قوت قرارا، جڏهن به صدري خزاني وارا موتي هاريندا، تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا ته سادي سيني مان ڪهڙا نه ملهه مهانگا موتي ملن ٿا. هر ادب جي ملڪ جو سينگار، اهي ئي لوڪ ادب جا ماڻڪ موتي لعل آهن.”

اهڙن جاکوڙين جن لوڪ ادب کي محنتون ڪري محفوظ ڪيو آهي ۾ ڊاڪٽر ڪمال الدين جو نالو وڏي عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. لوڪ ادب جي اهميت ڄاڻائيندي، ڊاڪٽر ڪمال لکيو آهي ته:

“اسان جي سموري ادب جي پيڙهه لوڪ ادب آهي. چوندا آهن ته پيڙهه مضبوط هوندي ته ڀت/عمارت به سگهاري هوندي. جيڪڏهن اسان جو لوڪ ادب سگهارو نه هجي ها ته ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب به سگهارو نه هجي ها. پر افسوس آهي ته اسان هن وقت پيڙهه جي مرمت نه پيا ڪريون جنهن ڪري عمارت کي نقصان پيو پهچي.”

لوڪ ادب جي اهميت ۽ افاديت ادب ۾ مسلم آهي. جيڪا هر دور ۾ مڃي ويئي آهي. ڊاڪٽر ڪمال هن ڏس ۾ لکيو آهي ته: “سڄيءَ دنيا جي ادبن ۾ لوڪ ادب کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. ادب عام طور تي ۽ لوڪ ادب خاص طور تي ٻولين ۽ ثقافتن کي بچائڻ، اڳتي وڌائڻ ۽ ٺيٺ لفظن کي سانڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو”.

ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته لوڪ ادب اسان جي ٻوليءَ جو محافظ آهي. جنهن کي هر قيمت ۾، هر دور ۾ سڄاڻن معرفت محفوظ ڪرڻ ۽ پکيڙڻ گهرجي ته جيئن سنڌي ٻولي وڌي ويجهي ۽ ترقي ڪري.

ڊاڪٽر ڪمال جو هڪ ڪتاب “ڪچهريءَ جا مور” هن ڏس ۾ خاص حيثيت رکي ٿو. هِي ڪتاب، ثقافت کاتي 2013ع جي ڊسمبر ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ڪمال وڏيءَ محنت سان، تحقيق بعد چونڊ سگهڙن جو تعارف ۽ سندن فن کي پيش ڪيو. پنجونجاهه سگهڙن جو تعارف ۽ ڪلام ڏنل آهي. ان کان سواءِ سگهڙن جون تنظيمون ذڪر ڪيون ويون آهن ۽ مشهور سگهڙن جي ڪتابن جو تعارف ۽ تبصرا پڻ ڏنل آهن جنهن ۾ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جا، “موتي مور ملوڪ جا” ۽ “موتين مٺ ملوڪ جي”، استاد عبدالرحمان مهيسر جا ڪتاب “مهيسر جي مام” “مهيسر جي مرڪ” ۽ ٻيا، محمد لقمان کوکر جا “لاتيون سڻ لقمان جون”، “لعل ڪڻا لقمان جا”، “لوچون ڏس لقمان جون”، فقير هدايت جو “سگهڙ ڪچهري”، وريام فقير شيخ جو، “سچ ۽ سونهن وريام جي” ديدار علي سيال جو، “ديس وسي ديدار اسان جو”، علي نواز وڳڻ جو، “وڳڻ جا ويچار”، گل محمد غازيءَ جو “گفتا گل محمد جا” نظير احمد ميمڻ جو”صدين جي سوغات” محبوب علي ڏيپر جو، “پنهنجي شاعري پنهنجو رنگ” ۽ ٻين سگهڙن جا ڪتاب ذڪر ڪيل آهن. هن ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪٽر ڪمال طويل مقدمو موضوع جي حوالي سان ڏنو آهي. جيڪو صفحي 9 کان 73 تائين ڏنل آهي. هن مقدمي ۾ مفصل نموني تي ڪمال صاحب ڪچهريءَ جي اهميت ۽ اوطاقن کي آباد ڪرڻ لاءِ سگهڙن جو شوق ڄاڻايو آهي.

ڊاڪٽر صاحب موجب ته اهي ڪچهريون ئي آهن جيڪي انساني اندر کي سرور ۽ آنند ڏين ٿيون. انتهاپسنديءَ کي روڪڻ جو ذريعو آهن ته امن امان قائم ڪرڻ جو هٿيار آهن، محبتن ۽ محبتين جا شل سدائين ميڙا متل هجن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ڪيترين لوڪ صنفن جو ڪچهريءَ جي حوالي سان تفصيل ڏنو آهي. حمد، مولود شريف، مناقبو، منقبت، معجزو، سماع، پرولي، ڳجهارت، ڏور، ڏهس، سينگار، ست سُريون، پنجڪا ، ٽيهه اکري ۽ ٻيون چند صنفون شامل آهن. هي هڪ قيمتي ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهڻ سان پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ لاءِ خوشيءَ جو احساس وڌي ٿو. ڊاڪٽر ڪمال صاحب جو پنهنجي ٻولي، ڌرتي، علم، ادب ۽ ثقافت سان محبت ۽ محنت جو هيءُ پورهيو تاريخ ۾ هميشه قائم رهندو.