ٻه دعوائون دوڙ ڌريل

0
31
ٻه دعوائون دوڙ ڌريل

ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي کان پڇيو ويو ته بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي ۽ ڇا وڏي پيماني تي آپريشن ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي؟ بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي جي ڀرسان بيٺل وفاقي گهرو وزير وراڻيو، “ڪنهن به آپريشن جي ضرورت ناهي، شرپسندن جي ڪا حيثيت ناهي، اهي ته رڳو هڪ ايس ايچ او جي مار آهن”.

                 سي اين اين جي ذريعي پاڪستاني صحافت ۾ ‘لهڻ’ ۽ پوءِ هڪ ميڊيا هائوس جو سربراهه بڻجڻ وارو سيد محسن نقوي، دهشتگردي جي شڪار ٿيل ايس ايس پي اشرف مارٿ شهيد جو ناٺي آهي، ۽ گجراتي چوڌرين جي جوڙي (هاڻ اڳوڻي) مان هڪ، چوڌري پرويز الاهي جي ڀاڻيجيءَ جا ور آهي. هو پنجاب مان آزاد حيثيت ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊجي آيو، جتي مسلم ليگ (ن) ۽ پي پي پي ٻنهي کيس ووٽ ڏنو. جڏهن هو پنجاب جو نگران وزيراعليٰ بڻيو ته شروعات ۾ کين آصف علي زرداري جي پسند قرار ڏنو ويو، پوءِ پي ٽي آءِ جي يوٽيوبرز دعويٰ ڪئي ته ان جو آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ويجهو ناتو آهي ۽ نگران وزيراعليٰ طور تي هو جي ايڇ ڪيو جي چونڊ آهي. فيبروري 2024ع جي چونڊن کانپوءِ، هو سينيٽر بڻيو ۽ وفاقي گهرو وزير مقرر ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ، هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه پڻ آهي.

طاقتور ترين وفاقي وزير سمجهيو ويندڙ محسن نقوي لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا صحافت ۾ رهيو آهي، پر جڏهن هن بلوچستان ۾ جاري بدامني جي ذميوارن کي “هڪ ايس ايچ او جي مار” قرار ڏنو، ته ٻين ماڻهن وانگر مونکي به حيرت ٿي. اها حيرت وفاقي گهرو وزير جي زبان مان نڪتل لفظن تي نه پر هڪ تجربيڪار صحافي جي ٻوليءَ واري مهارت تي هئي ۽ اڃا تائين آهي. جيڪي شدت پسند هن ‘هڪ ايس ايچ او جي مار’ قرار ڏنا، انهن اڱاري واري ڏينهن 11 مارچ تي ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي قبضو ڪري لڳ ڀڳ 400 مسافرن کي يرغمال بڻائي ورتو. جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان، سوشل ميڊيا تي ٻه متوازي خبرون “ڊوڙي رهيون” آهن. هڪ اها ته هٿياربند ويڙهاڪن جعفر ايڪسپريس کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ 12 ماڻهو مارجي ويا. ٻي خبر مطابق فوجي آپريشن ذريعي 350 مسافرن کي آزاد ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته بي ايل اي جا ويڙهاڪ 90 مسافرن کي وٺي روپوش ٿي ويا آهن. انهن ٻنهي خبرن جي وچ ۾ بي ايل اي جي ترجمان بيان ڏنو ته، “اسان جي ساٿين عورتن، ٻارن ۽ عام بلوچ شهرين کي خيرسگالي جي جذبي تحت آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جيڪي ماڻهو ساٿين جي قبضي ۾ آهن، انهن جو تعلق رياستي ادارن سان آهي”.

هن تحرير لکجڻ کان اڳ وارن ٻن ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ بدامني جا چار وڏا واقعا ٿيا، جن ۾ سنڌ سان واسطو رکندڙ ٽن حجامن جو وحشياڻو قتل به شامل آهي. جعفر ايڪسپريس تي بي ايل اي جي ويڙهاڪن جي قبضي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي طوفان مچي ويو آهي. ڪجهه پنجابي قومپرست ڀرپور گاريون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪي وري رياستي اسٽيبلشمينٽ کي واقعي جو ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن. بلوچستان جو مسئلو ڇا آهي؟ ڇا اهو رڳو مقامي وسيلن تي غيرمقامي تسلط جو ردعمل آهي؟ منهنجي خيال ۾ بلوچستان جي مسئلي کي سمجهڻ لاءِ 1948ع ۾ قلات تي ٿيل لشڪرڪشي ۽ ان کانپوءِ مختلف دورن ۾ ٿيل فوجي آپريشنن سان گڏوگڏ، جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ نواب اڪبر بگٽي جي بي رحماڻي قتل جي پسمنظر جو تجزيو نهايت ضروري آهي.

نواب اڪبر بگٽي، پنهنجي قتل کان اڳ اسٽيبلشمينٽ جي “وڏن محبن” ۾ ڳڻيو ويندو هو، پر قتل کانپوءِ هو هٿياربند جدوجهد ڪندڙن جو سورمو بڻجي ويو. هو بلوچستان جو گورنر، وزيراعليٰ ۽ وفاقي وزير به رهيو. جڏهن نيپ ۽ جي يو آءِ (مفتي محمود گروپ) جي گڏيل حڪومت ختم ڪئي وئي ته هو ذوالفقار علي ڀُٽي سان گڏ بيٺل هو ۽ پوءِ مينگل حڪومت جي برطرفي تي بلوچستان جي گورنر بڻيو. ان واقعي کانپوءِ، هو هڪ ڊگهي عرصي تائين ترقي پسند قومپرست بلوچن لاءِ هڪ وِلن بڻجي ويو. پر ان لاءِ پهرين همدردي جي لهر ڊاڪٽر شازيه ڪيس ۾ ورتل موقف سبب پيدا ٿي، جنهن ۾ هو بلوچ روايتن جي امين طور مشرف جي فوجي حڪومت جي سامهون اڏول ٿي بيهي رهيو.

بلوچستان ۾ عام ناراضگي قلات تي لشڪرڪشي کان شروع ٿي، جيڪا وقت سان گڏ نفرت ۾ تبديل ٿيندي وئي. مقامي وسيلن تي مقامي حق کان شروع ٿيل ڳالهه، اڄ قومي آزادي جي جدوجهد جي صورت ۾ ديوار جي لکت بڻجي چڪي آهي. ناراض بلوچن جي هٿياربند جدوجهد کي جيڪو نالو ڏيڻ چاهيو، ڏيئي سگهو ٿا، پر ڪجهه سوال ايترا تلخ آهن جو ٻڌندڙن جي نرڙ تي پگهر اچيو وڃي.

جنرل پرويز مشرف جي دور ۾، جڏهن تربت ۾ ضلعي عدالت مان اغوا ڪيل لالا غلام محمد بلوچ کي هيلي ڪاپٽر مان اڇلائي موت جو کاڄ بڻايو ويو، تڏهن مون طالب علم بلوچستان جي مسئلي تي لکيل سلسلوار ڪالمن ۾ عرض ڪيو هو ته، “هڪ اهڙو ماڻهو ماريو ويو، جيڪو بلوچ ڌرتيءَ جي فرزندن جو ترقي پسند عوامي چهرو هو ۽ غيرطبقاتي سماج جي قيام جو علمبردار به”. لالا غلام محمد جو اغوا ۽ قتل ڪو پهريون واقعو نه هو، اهڙا سوين واقعا ان کان اڳ ۽ پوءِ به پيش آيا. مختلف خيالن رکندڙ بلوچ تنظيمن جي هٿياربند جدوجهد جي جواب ۾ رياستي ڪاررواين کي “رياست جي عملداري برقرار رکڻ جو حق” قرار ڏنو ويو.

اسان وٽ سنجيده تجزيا گهٽ ٿيندا آهن ۽ “خرافات برانڊ” سازشي نظريا وڌيڪ وڪرو ٿيندا آهن، تنهن ڪري بلوچستان کان ٻاهر، ٻين ٽن صوبن جا ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته ڪجهه بين الاقوامي قوتون ۽ ڀارت بلوچستان کي پاڪستان کان ڌار ڪرڻ چاهين ٿا. هڪ راءِ اها به آهي ته بلوچستان جو مسئلو، والاريل ڪشمير ۾ ڪرايل ان “جهاد” جو ردعمل آهي، جنهن جي سرپرستي پاڪستاني رياست ڪندي رهي. ڇا مطالعهء پاڪستان جي دانش جا اسير ماڻهو اها حقيقت سمجهڻ جي سگهه رکن ٿا ته بلوچستان ڪجهه ماڻهن ۽ مخصوص طبقن لاءِ “سوني جهرڪي” وانگر آهي؟ جيڪڏهن ڳالهه آسان طريقي سان سمجهڻي آهي ته “عاصم سليم باجوه عرف پاپا جونز” ۽ پوءِ آصف غفور جي اثاثن جو حساب لڳائي ڏسو.

گذريل ٻن ڏهاڪن کان، هنن ئي سِٽن ۾ عرض ڪندو رهيو آهيان ته دهشتگردي ۽ نسل ڪشي جا واقعا، ڪير به ڪري، غلط آهن. جڏهن هي سِٽون لکي رهيو آهيان، تڏهن به منهنجي راءِ ساڳي آهي. اسان جي رياست ڪڏهن به بلوچستان جي مسئلي کي سمجهڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. بلڪه، اسان وٽ اهڙا “عقل جا وِيرَ” موجود آهن، جيڪي چوندا رهيا ته “هڪ ڪروڙ پنجابي آڻي بلوچستان ۾ آباد ڪريو، سڄو مسئلو ئي ختم ٿي ويندو”.

هاڻي به ڪجهه عقل جا اڪابر دعويٰ ڪري رهيا آهن ته جعفر ايڪسپريس سميت تازا واقعا ‘فرمائشي’ آهن، اصل ۾ چين چيو آهي ته هٿياربند ويڙهاڪ ختم ڪريو. يعني ڪو به ڪجهه به چئي سگهي ٿو!

اهو بلڪل صحيح آهي ته هٿياربند بلوچ ويڙهاڪن هٿان غيرمقامي پورهيتن جو قتل نه درست آهي ۽ نه ئي ردعمل جي نالي ۾ جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو. پورهيتن جو قتل آزاديءَ جو اظهار نه، بلڪه کليل درندگي آهي. پر، ان جي مذمت ڪندي زميني حقيقتن کي وساري ڇڏڻ به غلط ٿيندو. “ماريو، چِٿيو، صاف ڪريو” – جيڪي به اهي ٽي ڳالهيون ڪن ٿا، اهي امن، انسانيت ۽ اخلاقي قدرن جا ڏوهاري آهن. اسان کي بلوچستان جي مسئلي کي شعوري طور تي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي.

انتهائي احترام سان عرض آهي ته، ٻن انتهاپسند سوچن مان ڪنهن هڪ کي حرفِ آخر سمجهڻ جي غلطي نه ڪرڻ گهرجي. جعفر ايڪسپريس جي واقعي انهن ٻنهي دعوائن کي ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏيو: پهرين اها ته، “اهي ته بس هڪ ايس ايچ او جي مار آهن”. ٻي اها ته، “بلوچستان ۾ مڪمل طور تي حڪومتي عملداري قائم آهي”.

هاڻي بلوچستان معاملي جو سنجيده حل ڳولڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ سازشي رام ليلائون ٻڌائڻ ۽ اهو وکر وڪڻڻ بدران، ڊائيلاگ/ڳالهه ٻولهه جو در کولڻو پوندو، نه ته هر نئين ڏينهن ڪو ڪوڙهه مغز شخص توهان کي اهو چوندي ملندو ته: “بلوچستان جي بدامني جي پٺيان ايران آهي، ڇو ته ايراني تيل جا کوهه هاڻي خالي ٿي رهيا آهن، ۽ پاڪستان جي زمين مان سارو پيٽروليم سِمي ايران جي کوهن ۾ هليو وڃي ٿو”.

هڪ ڀيرو ٻيهر عرض آهي ته طاقت جي مظاهري سان مسئلا حل ناهن ٿيندا.