ميرپورساڪرو(ن پ ا)ٻهارا ۾ عوامي تحريڪ طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، انڊس ڊيلٽا جي تباهي، سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سامونڊي پٽي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، شاهه محمد چانگ، ادريس پليجو، بلاول لاشاري، رياض عباسي، نور محمد ڪنڀر، سنڌياڻي تحريڪ جي جمال خاتون لاشاري، ثريا لاشاري، خالق گندرو، ٺارو خان شيخ، عبدالستار پليجو، مظھر لاشاري، مجاھد بلوچ، عبدالله چانڊيو، علي اڪبر لاشاري، الله بخش بلوچ، لال چند، آفتاب بلوچ مارچ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياءَ کي بنجر بڻائي ڇڏيو ويو آهي. سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڦڙو پاڻي جو نٿو ڇڏيو وڃي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو درياءَ ۾ واري اڏامي رهي آهي، انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي، هن وقت اهو ڊيلٽا آخري پساهن ۾ آهي. حڪومتي بي حسي سبب انڊس ڊيلٽا ختم ٿي چڪو آهي. سمنڊ روز جي بنياد تي سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن شهرن جون زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي. پنجاب هن وقت به ڌاڙيل واھ کولي ڇڏيا آهن. هڪ پاسي سنڌ پاڻي جي ڦڙي کان سڪي رهي آهي ته ٻئي طرف پنجاب ۾ غير آباد زمينون آباد ڪيون پيون وڃن. پيپلزپارٽي سنڌ کي ڪرسي عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ڇهن ڪئنالن واري تلوار اڃان تائين لٽڪيل آهي. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي جي مڪمل خاتمي تائين عوامي تحريڪ جي جدوجھد جاري رهندي. سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ عوام کي منظم ڪبو. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو.