ٻهارا (ن پ ا) ٻھارا ڀرسان بگھاڙ واھ ڪناري کان لنڪ روڊ زبون حالي جو شڪار ھنڌان ھنڌان اکڙي ويو ڳوٺاڻا پريشاني جھڙي حالت ۾ مبتلا ٿي ويا، ڳوٺ يار محمد ھولاڻي، ڳوٺ پير محمد شيخ، ڳوٺ حاجي قاسم ڪڙمون ۽ ٻين ڳوٺاڻن جو واحد اچڻ وڃڻ جو رستو آهي، ڳوٺاڻن سلطان شيخ، پرويز ڪڙمون، بشير شيخ، حنيف ھولاڻي، علي نواز شيخ، شاھد شيخ، پپو شيخ ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته روڊ جي حالت خراب هئڻ ڪري شھرن سان وڻج واپار صحت کاڌ خوراڪ حوالي جي حوالي سان مشڪلات درپيش اچي پئي ۽ روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي وس وارا روڊ تعمير ڪرائي پريشاني ختم ڪن.