ميرپورساڪرو(رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، ضلعي اڳواڻن ممتاز شيخ، مرتضي لاشاري حبيب الله پليجو، امين جوڻيجو، وڪيو ميربحر، غفور سومرو،جلال پليجو، غني مالهيو، شفيع پليجو، جميل پالاري، صوفي يوسف، علي محمد هولاڻي، شفيع ميمڻ، مقبول خليفو، سومار اوٺو، مٺن پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن  درياهه واري موري کان ٻھارا شھر تائين پيادل مارچ ڪيو، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته ھن وقت سنڌين جا ھٿ نعرن ۽ جھنڊن لاءِ اڀا آھن، جي اھي ھٿ ڦري توھانجي ڳچين ۾ پئجي ويا ته ڏاڍا ڏکيا ٿي پوندئو، مڙي وڃو. اوھان کي ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻو پوندو! پاڪستان جي حڪمرانن کي پنج ست ڪروڙ عوام چند شرپسند ڏسڻ ۾ ٿا اچن ھنن جي ذھنيت جنرل ضياءَ واري ساڳي آهي، حڪومتون سنڌ ۽ سنڌين سان وير رکن، اھي ھجن يا نه، ان سان اسان کي ڪھڙو فرق ٿو پوي؟ سنڌ جي گھٽي گھٽي، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھرن کي اوھان جي جبر جي خلاف ائين اٿاري بيھارينداسين، جو اوھان ته ڇا اوھان جا ايندڙ نسل به ياد رکندا. ڪينالن سميت سڀ عوام دشمن منصوبا ختم ٿيندا، پر رُڳو ثابت قدميءَ سان ڄمي بيهيبو ۽ سنڌ ھن وقت ڄمي بيٺي آھي.اياز لطيف پليجي چيو ته سنياسي بنگالي بابائن مان جان ڇڏايو ڪينال موت جو پروانو آھن، ڌرڻي کي  ياسر جاکرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.