ٻن ڪبوترن جو ساليانو خرچ 9 لک رپيا

0
435

لنڊن(دلچسپ نيوز) ٻن ڪبوترن جو ساليانو خرچ 9 لک رپيا، شاهاڻي زندگي گذارڻ لڳا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا ۾ ميگي نالي عورت ٻن ڪبوترن کي هنج ورتو آهي جنهن بعد هن  ڪبوترن تي موس ۽ اسڪائي نالا پڻ رکي ڇڏيا آهن، ٻنهي ڪبوترن لاءِ ڌار ڌار ڪمرا ٺهيل آهن جڏهن ته سير سفر لاءِ ڪار به موجود آهي، ميگي موس ۽ اسڪائي لاءِ ڪپڙن جون الماريون ڀري ڇڏيون آهن هڪ هڪ وڳي جي قيمت 40 کان 50 ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي. ٻنهي ڪبوترن جي سالگرا ملهائي کين تحفا به ڏنا وڃن ٿا، ڪبوترن لاءِ مهانگا ڪپڙا ۽ قيمتي کاڌو تيار ڪيو وڃي ٿو، ميگي شام جي وقت ڪبوترن کي ٿوري ديرلاءِ اڏائيندي آهي. ان حوالي سان ميگي جو چوڻ آهي ته  ڪبوتر منهنجا پٽ آهن اڪيلائي جو احساس نٿو ٿئي.