ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته بئرسٽر گوهر ۽ آرمي چيف سان ملاقات جي تفصيلن ۽ مڪالمن جي خبر آهي، بئرسٽر گوهر چيو سڌي ريت اعليٰ ترين فوجي سطح تي ڳالهيون شروع ٿيون آهن، بيڪ ڊور پراسيس به هلندو ۽ فرنٽ ڊور پراسيس به هلندو، جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ٻن ٽن دروازن کان ڳالهيون هڪ ئي وقت نه هلي سگهنديون آهن، هاڻي دروازن، کڙڪين ۽ روشندانن مان جهاتيون پائڻ جو ڪو فائدو ناهي، جيڪڏهن اهو دروازو کلي ويو آهي جنهن لاءِ سال کان ڪوششون ٿي رهيون هيون ته اها ڪوشش ڇڏي ڏيو، پي ٽي آءِ باني ۽ عليمه خان به آرمي چيف سان بئرسٽر گوهر جي ملاقات کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي رهيا آهن