واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي نئين جوهري معاهدي لاءِ ٻن مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب، صدر ٽرمپ گذريل ڏينهن ايران جي اعليٰ عملدارن کي لکيل خط ۾ تجويز پيش ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ نئين سر جوهري ڳالهين جو شروعات ڪئي وڃي. ان کانسواءِ ٽرمپ جي خط ۾ ايران کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن هن جوهري پروگرام جاري رکيو ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ميڊيا رپورٽن موجب، صدر ٽرمپ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ايران جي قيادت کي اھو خط اماڻيو هو، جڏهن ته وائٽ هائوس ان جي مواد بابت اسرائيل، گڏيل عرب امارتن ۽ سعودي عرب کي به آگاهه ڪيو هو