ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته صرف ٻن صوبن ۾ اليڪشن مذاق هوندي، فل ڪورٽ هر جمهوريت پسند جو مطالبو آهي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته موجوده بحران جو حل فل ڪورٽ جوڙڻ آهي، جسٽس اطهر من الله جي نوٽ کانپوءِ چيف جسٽس جي اخلاقي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي، فل ڪورٽ جو مطالبو صرف پي ڊي ايم نه پر هر جمهوريت پسند جو مطالبو آهي، هن چيوته ٻن صوبن ۾ الڪيشن سان افراتفري پکڙبي.