امر ڪوٽ جو اهو سفر انڊين مووي “هائي وي” جي هوبهو ان سين جهڙو هو جنهن جي بيڪ گرائونڊ ۾ راجسٿاني سنڌي لوڪ فنڪار پاران ڳايل لطيف جي وائي پئي وڄندي آهي،
“مون کي تخت ڇڏايو هير،
تخت ڇڏايو هير، تقدير بڻايو فقير…”
اسان جو پنڌ حليم باغي ۽ جمن دربدر جي ڳوٺ ڏانهن هو. تڏهن “ٽائيم نيوز” کي نڪتي اڃان اڌ سال مس ٿيو هو ۽ “پنهنجي اخبار” جي عمر به اڃان ڏيڍ سال کن مس هئي.
تيز برسات سبب گاڏي جي ونڊ اسڪرين تي وائپر فل اسپيڊ سان هلي رهيا هئا ۽ اسان “پنهنجي اخبار” جي پندرهن سورهن مهينن واري سفر تي بحث ڪري رهيا هئاسين.
“پنهنجي اخبار” جڏهن اڃان پني تي ڪونه ڇپبي هئي ۽ اخبار کي آن لائين ٿئي به ڪو گهڻو وقت ڪونه ٿيو هو تڏهن سڀ کان دلچسپ ڳالھه هئي اخبار جو خود نالو!
اسين جڏهن “پنهنجي اخبار” جو نالو کڻندا هئاسين تڏهن هڪدم ورائي پڇيو ويندو هو، “ڪهڙي اخبار؟”
اسان جو ساڳيو ئي جواب هوندو هو، “پنهنجي اخبار” اڳيان وري به سوال ساڳيو سوال ٻڌبو هو، “توهان جي اخبار پر اخبار جو نالو؟”
پوءِ “پنهنجي اخبار” جي نالي تي چٿرون ڪندڙ ماڻهن کي پنهنجي راءِ مٽائيندي گهڻي دير ڪونه ٿي. سچ ته اهو آهي ته هاڻي هن اخبار جي ڪاميابي جي ٻين سببن سان گڏ اهو به چيو ٿو وڃي ته در اصل “پنهنجي اخبار” جو نالو ئي ڏاڍو سٺو آهي. جيتوڻيڪ “نام نهين ڪام ديکنا چاهيي” پر “پنهنجي اخبار” پنهنجي نالي وانگر سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ گهڻو وقت ناهي لڳايو. “ٽائيم نيوز” ۽ “پنهنجي اخبار” “پڙاڏي ۽ سڏ” وانگر ٻئي گڏ گڏ گونجن ٿا، تنهن ڪري ٽائيم نيوز لاءِ ماما جمن تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ لاءِ اسين امر ڪوٽ ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. اها مون سون جي مينهن واري موسم هئي.
ماما جمن وٽ پهچي سندس هڪ ڪمري واري اوطاق اڳيان بيٺل نم جي گهاٽي وڻ هيٺان ويهي ساڻس ڪچهري پئي ڪئيسين. ماما جمن جڏهن پنهنجي حياتي جي قصن کي ڪتاب جي پنن وانگر اسان جي اڳيان اٿلائڻ لڳو هو تڏهن هو ڪيئي ڀيرا اسان جي آڏو معصوم ٻارن وانگر سڏڪا ڀري روئي پيو هو. ماما جمن سان ڪيل اها ڪچهري زندگيءَ جي انهن يادگار پلن جهڙي هئي جيڪي حياتي جي ڳنڍ ۾ قيمتي شين جيان ٻڌي رکبا آهن.
“ريل جو ڀاڙو کٽي وڃڻ کان پوءِ خان پور ڪٽورا کان لاهور تائين پنڌ ويندي پورا 17 ڏينهن لڳي ويا هئا، ابا، پنجاب ۾ مسافرن کي ماني کارائڻ جو رواج مڙئي گهٽ آهي…”
ماما جمن دربدر محبوب جي ڳولا ۾ ڪيل مسافرين دوران ڪاٽيل ڪرڀناڪ بکون ۽ اڃون اسان کان لڪائي رهيو هو.
پر هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيل سڏڪن ۽ اکين مان ڪري پيل ڳوڙهن سندس دل ۾ لڪل درد کي پڌرو ڪري ڇڏيو هو…
پوءِ جڏهن امر ڪوٽ واري پاسي کان ڀرجي آيل بادل روحل واءِ جي واريءَ مٿان وسڻ لڳا هئا تڏهن ماما جمن جي جي ڳلن تان ڳڙندڙ ڳوڙها به بادلن جي برسات سان گڏجي گم ٿي ويا.
ماما جمن ڪلهي تي رکيل ميري ٽوال سان اجريون اکيون اگهيون ۽ هو لتا جو گيت جهونگاريندو برساتن سبب بي گهر ٿيلن ماڻهن جي خيمن واري ڪئمپ طرف روانو ٿي ويو…
“بڙي برباديان ليڪر ميري دنيا ۾ پيار آيا،
هنسي اڪ بار آئي هي،
تو رونا لاک بار آيا هي.
بڙي برباديان ليڪر….”
“پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” لاءِ ڪم ڪندي هڪ دفعي سن جي ڀرسان درياھه جي ڪنڌيءَ تي کماڻن جي هڪ ڳوٺ ۾ وڃي نڪتاسين. وڻن جي ڇانو ۾ مچايل سگهڙن جي ڪچهري رڪارڊ ڪرڻ دوران فيضو کماڻ جي ٻڌايل لطيف جي بيتن تي اصل واھه واھه ٿي وئي، سڄو ڏينهن ساڻس گڏ رهڻ کان پوءِ آخر ۾ اسان سندس زال سان به ڳالھه ٻولھه ڪئي.
فيضو کماڻ جي زال ڌوڙ ۾ ڌڌڙ ٿيل لڳڙن ۾ ويڙهيل لطيف سائين جي شاعري وارن ناياب نسخن کي کوليندي چيو، “ابا، منهنجا ٻچا بک تي ويٺا آهن، ڪچي گهر جي ڇت مينهن ۾ ٽميو پوي، ۽ منهنجي آخري پٽ کي اسڪول وڃڻ جي ڏاڍي سڌ آهي پر منهنجو هي مڙس ڀٽائي جا بيت پڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نٿو ڪري!”
فيضو کماڻ لطيف جي پارکو هجڻ واري هام هڻڻ کان پوءِ ڪئميرا جي آڏو غربت جي ستايل سندس زال جون ڳالهيون ٻڌي شرمسار ٿي ويو ، سندس ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو هو…
زال جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ ڊاڪيومينٽري لاءِ رهيل رڪارڊنگ دوران هو ٻيهر وري لطيف جو ڪوبه بيت ٻڌائي نه سگهيو!
گهڻا ڏينهن گذرڻ کان پوءِ جڏهن ٽائيم نيوز تي فيضو کماڻ تي ٺاهيل پهرين ڊاڪيومينٽري هلي وئي هئي جنهن ۾ مون ڏيکارڻ ته اهو پئي چاهيو ته “لڪا ڀڻن لوڪ ۾” وانگر فيضو کماڻ لطيف سائين جو ڪيڏو نه وڏو گمنام پارکو آهي، پر مون کي خبر ناهي ته فني ڄاڻ جي گهٽتائي هئي يا الائي ڪنهن ٻئي ڪارڻ جي ڪري منهنجي ٺاهيل رپورٽ ۾ هن جي ڏات جو عڪس مڙئي گهٽ هو پر ان رپورٽ ۾ فيضو کماڻ جي مفلسي ۽ غربت جا منظر وڌيڪ نظر اچي رهيا هئا…
گهڻن ڏينهن کان پوءِ هن مون کي هڪ نمبر تان ڪال ڪئي، چيائين، “ ابا، ٽائيم ٽي وي تي منهنجي رپورٽ هلڻ کان پوءِ هاڻ ته سڄو گهر سامان سان ڀرجي ويو آهي، ڪو راشن پيو آڻيو ڏي ته ڪو پئسا پيو موڪلي، هڪڙي همراھ ته سعودي مان 80 هزار موڪليا آهن..”
فيضو کماڻ ڳالهائڻ سان گڏ سندس مدد ڪندڙن کي دعائون به ڏيندو ويو، چيائين، هي بٽڻن وارو موبائيل به تو جهڙي ڪنهن ماڻهو وٺي ڏنو آهي ۽ وڏي ڳالھه ته، هاڻ ته منهنجي زال به مون مان ڏاڍو خوش آهي.
فيضو کماڻ ٽهڪ ڏئي چيو، “اچي، هي وٺ، هي تو واري ڀاڄائيءَ سان ڳالهاءِ..”
“پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” سان ڪم ڪندي بنھه ٿوري وقت ۾ طرحين طرحين جا تجربا ٿيا آهن. مڪڙن جي ڪٽڪن واريون، توڙي برساتن جي راڱن واريون، يا ڪورونا جي قهرن واريون خبرون پڻ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهم آهن پر هڪ صحافي کي پنهنجي اها خبر يا رپورٽ تڏهن وڻندي آهي جڏهن ان خبر يا رپورٽ جو ڪو رد عمل اچڻ لڳي، ان ڪري علي آباد جي اسٽيج اداڪار ايم ايم بلوچ جي بيوسي جي “پنهنجي اخبار” ۾ ڇپيل رپورٽ پڙهڻ کان پوءِ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري پاران مون کي فون ڪري ايم ايم بلوچ جو نمبر وٺڻ واري ڳالھه کان به وڌيڪ ان وقت خوشي ٿي هئي جڏهن مانجهند تعلقي جي ڳوٺ سنگهار کوسي تي پوليس چڙهائي ڪري بلڊوزرن سان گهر ڊاهي رهي هئي تڏهن اتي سڀ کان پهريان آئون پهتو هئس ۽ ٽائيم نيوز جو لوگو ڏسي 24 ڪلاڪن کان ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي ويٺل پوليس جون بڪتر بند گاڏيون اسٽارٽ ٿي واپس وڃڻ لڳيون هيون…
ان وقت سنگهار کوسي ڳوٺ جي ماڻهن پاران پوليس خلاف ڪيل سخت نعريبازي واري هڪ وڊيو اڄ به مون وٽ محفوظ آهي جنهن ۾ هڪ ڳوٺاڻو پوليس خلاف نعرا هڻڻ سان گڏ هڪڙو نعرو اهو به هڻندي ٻڌي سگهجي ٿو، “ٽائيم نيوز زنده باد”