رياض (م ڊ) غزه جي موجوده صورتحال تي سعودي عرب سميت مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير چين جو دورو ڪندا. سعودي پرڏيهي وزير شهزادَي فيصل بن فرحان ٻڌايو ته عزه جي صورتحال کي ڏسندي تمام جلد مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير چين پهچندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ٿيندڙ عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلن کي ڏسندي پرڏيهي وزيرن جو هڪ وفد چين جو دورو ڪندو. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته چين کان پوءِ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اهو وفد ٻين ملڪن جو به دورو ڪندو۽ جنگ جي خاتمي لاءِ رستو ٺاهيندا. فيصل بن فرحان جو چوڻ هو ته دوري جو هم مقصد غزه م انساني بنيادن تي امدادي سامان جي فراهمي کي ممڪن بنائڻ لاءِ عالمي قوتن تي دٻاءُ وجھڻ آهي. سعودي پرڏيهي وزير فلسطين جي ٻه رياستي حل تي زور ڏيندي چيوته ٻن خودمختيار رياستن جي قيام کان سواءِ فلسطين ۾ امن امان توڙي استحڪام ممڪن نه آهي.