جيتوڻيڪ اسان ٻٻرلوءِ وڃڻ لاءِ ٽين وڳي گڏ ٿيا هئاسين، مگر اسان جي گاڏي ليٽ ٿيڻ ڪري اسان لڙيءَ شام ستين وڳي ٽنڊي آدم مان نڪتاسين. گاڏيءَ ۾ ويهڻ ساڻ ئي اسان نعرا جي ڌوم مچائي ڇڏي. “سنڌوءَ تي ڌاڙو نا منظور، ڪينال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، ڌرتيءَ تي ڌاڙو نامنظور”. اسان شهدادپور، مقصودو رند، چودگي، گپچاڻي پاس ڪري نواب شاهه جي هڪ پيٽرول پمپ تي ٻيٺاسين، جتي سڀني دوستن گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو. اسان جا زوردار نعرا ٻڌي رستي تان لنگهندڙ ماڻهو به اسان سان گڏ اچي مظاهري ۾ شامل ٿيا ۽ ڪجهه ماڻهن گاڏين مان به وڪٽريءَ جو نشان ڏيکاري اسان کي ڀليڪار چئي ۽ فتح جا نشان ڏيکاري ڪاميابيءَ جون دعائون ڪري رهيا هئا. اسان دوڙ ڀرسان هڪ هوٽل تي ماني کاڌي. رات گهري ٿي رهي هئي ۽ اسان جو سفر جاري هو. رستي ۾ ڪافي جاين تي سنڌ جي عاشقن شاميانه هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيا هئا. ڪامريڊ دوست قومي گيتن تي جهومي رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا ته سنڌ جا عاشقو جاڳندا رهو.
اسان رات جو ٻين وڳي ٻٻرلوءِ پهتاسين. ميڙو متل هو. ڪيئي قافلا اچي وڃي رهيا هئا ۽ نعرن جي گونجار ۾ ٻٻرلوءِ ٻُري رهيو هو. ڪافي دوستن سان ملاقاتون ٿيون ۽ روح رهاڻيون پڻ ٿيون. اسان واريءَ تي وڇاڻا ڪري سمهڻ جي تياري ڪئي، مگر ننڊ نه آئي. سڄي رات قافلن جي آمد جاري هئي. ستين وڳي اسان بسترا ڇڏي هوٽل تي آياسين. صبح جي چانهه پيتيسين ۽ نئين عزم سان سنڌوءَ سان وچن پاڙڻ جو ورجاءُ ڪندي پنڊال ۾ داخل ٿياسين. سڄو ڏينهن پنڊال ۾ بنا رنگ نسل ۽ ذات پات جي ماڻهو اچي رهيا هئا ۽ اسٽيج تان اُڀ ڏاريندڙ آوازن ۾ عشقِ سنڌ جي آبياري ٿي رهي هئي. اُتي ڪابه فتوا فروشي نه هئي. هڪ سنڌ هئي ۽ هڪ سنڌي قوم هئي. هن ڌرڻي ۾ سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ڪاوڙ ڏسڻ وٽان هئي. امن انصاف جي پُڪار سان گڏ اتحاد ۽ عدم تشدد جي ذريعي اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي ۽ اڃان گهڻو ڪجهه حاصل ڪنداسين. سنڌي قوم جي شاندار ٻڌيءَ ۽ طاقت کي ڏسي دل مان صدا نڪتي ته سنڌ جيئندي سدا. ٻٻرلي ڌرڻي ثابت ڪيو آهي ته بظاهر ڪاري ڪوٽ ۽ ڳاڙهي جهنڊي جي فتح ٿي آهي، مگر اصل فتح سنڌ جي عوام جي ٿي آهي. فتح سنڌ جي فهم ۽ فڪر، ٻڌي، طاقت، سمجهه، شعور، صبر، بي ڊپائي ۽ عدم تشدد جي ٿي آهي. سنڌي قوم جي اجتماعي ڏاهپ، جرئت، ارڏائي ۽ نهٺائيءَ استحصالي قوتن کي مات ڏني آهي. سنڌو درياءَ جي وارثن انقلابي خواب جي آبياري ڪئي آهي. اڃان ڪيئي منزلون ۽ مرحلا اچڻا آهن، جيڪي سنڌ جا وارث اُڪري انقلابن جي سرواڻي ڪندا. سنڌ جي اجتماعي شعور هڪ دفعو وري سنڌ کي جاڳائي ڇڏيو آهي ۽ اٺهـتـر سالن جي ڦرلٽ جو حساب وٺڻ لاءِ سنڌ سجاڳ ٿي چڪي آهي.
ٻارنهن ڏينهن جي ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ نئين راهه ۽ جدوجهد جو ڏس ڏنو آهي ۽ اجتماعي حقن لاءِ اجتماعي ٻڌيءَ سان اڳتي وڌڻ جو ڏس ۽ ڏانءُ ڏنو آهي. قوم جي اها اجتماعي ٻڌي ۽ اجتماعي شعور تاريخي شعور بڻجي اڳتي وڌائيندو ۽ سنڌي قوم ضرور منزل ماڻيندي. ڌرتيءَ کي ماءُ چوندڙ ۽ سنڌو درياءَ کي پيءُ چوندڙ هيءَ قوم وقت جي ويرين سان وڙهي ضرور منزل ماڻيندي. ٻٻرلوءِ ڌرڻي اهو به ثابت ڪيو آهي ته عوامي طاقت ذريعي ڪيترائي بت ڊاهي سگهجن ٿا. ٻٻرلوءِ ڌرڻي جديد سنڌ جي قومي وجود جي ويڙهه جا بنياد مضبوط ڪيا آهن. هن ڌرڻي سنڌ جي عوامي تاريخ لکي آهي، جنهن ۾ سنڌ پنهنجي صدين جي سونهن، سچائي، امن پسندي ۽ عوامي طاقت جو اظهار پيش ڪيو آهي، جيڪو عوامي جدوجهد جي عوامي تاريخ جو اهم باب آهي، جنهن اسان کي غلاميءَ جا سڀ پنجوڙ ٽوڙڻ جو ڏس ڏنو آهي. ٻٻرلوءِ ڌرڻي اسان کي ٻڌايو آهي ته هن ڌرتيءَ تي عوام جي طاقت سڀ کان وڏي آهي. عرب اسپرنگ جيان سنڌ اسپرنگ به ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا ۽ سنڌي قوم کي هڪ نئين فتح ۽ ڪاميابيءَ جو رستو ڏيکاريو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته محڪوم قومن جي غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي سگهجن ٿا. سنڌ جي عوام جي سياسي شعور ۽ سياسي جدوجهد کي ياد رکڻ لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ هڪ يادگار جڙڻ گهرجي، جيڪو فتح جي دورازي طور ياد رکيو وڃي.