مٺي ( رپورٽر )سنڌ جي سدا بهار  ٻاٻيهي راڳي صادق فقير جي وڇوڙي کي 10 سال مڪمل ٿي ويا، صادق فقير جي ڏهين ورسي هن ڀيري سادگي سان مٺي ۾ ملهائي وئي، جڏهن ته  مزار تي چادر چاڙھڻ واري رسم ۾ راڳي، صحافي، شاعر، اديب ۽ وڏي انگ ۾ شھري شريڪ ٿيا، صادق فقير جي ڏهين ورسي تي سندس خاندان ۽ مٺي جي مقامي دوستن نزاڪت صادق فقير، صابر فقير ۽ راحت صادق جي اڳواڻي ۾  مزار تي گلن جي چادر چاڙھي لڙڪن ۽ سڏڪن جون ڀيٽائون ڏنيون، روح کي ثواب پهچائڻ لاء خيرات پڻ ڪيو ويو، صادق فقير جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھڻ واري رسم دوران مقامي راڳين استاد رجب فقير، زوار فقير، ڪريم فقير ۽ صادق فقير جي پٽن سندس ڳايل گيت ڳائي سرن ۽ آلاپن جون ڀيٽائون ڏنيون ته ماحول سوڳوار ٿي ويو،  ان موقعي تي موجود دوستن ۽ رشتيدار لڙڪ روڪي نه سگهيا۔ صادق فقير جي ورسي تي هن ڀيري راڳ رنگ سميت ڪابه تقريب نه رکي وئي ۽ انتهائي سادگي سان ڏينهن ملهايو ويو.