راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ ڪجهه ماڻهو ڊالر ڪمائڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي استعمال ڪري رهيا آهن. باني پي ٽي آءِ عمران خان سان ملڻ کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڳالهين لاءِ جيل ۾ باني سان ملڻ ضروري آهي، ڳالهين جي ميز تي اچي پي ٽي آءِ لچڪ ڏيکاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته  ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو پي ٽي آءِ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن، ميڊيا ۽ صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي.