اسلام آباد(ڪامرس نيوز) هلندڙ مالي سال جي 8 مهينن ۾ پاڪستان ۾ گاڏيون، مشينري، خوراڪ، پيٽروليم سميت ڪيترين ئي شين کي ٻاهران گهرائڻ جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ 7.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ڪل 37 ارب 87 ڪروڙ ڊالرن جون شيون ٻاهران گهرايون ويون. مشينري 5 ارب 82ڪروڙ ڊالرن جي گهرائي وئي. جنهن ۾ پاور، ٽيڪسٽائل، آفيس، تعميراتي ۽ اليڪٽريڪل مشينري شامل آهي. موبائل فون جي آمد ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ جا موبائل گهرايا ويا. تيل گهرائڻ ۾ 1.2 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 10 ارب 70ڪروڙ ڊالرن جون شيون گهرايون ويون. زرعي اوزار ۽ ڪيميڪل 2.52 سيڪڙو اضافي سان 5 ارب 87 ڪروڙ ڊالرن جا گهرايا ويا. ٽرانسپورٽ هڪ ارب 38 ڪروڙ ڊالرن جي گهرائي وئي.