ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي وچ شهر ۾ 12ڏينھن اڳ گوليون هڻي قتل ڪيل شاھد رضا جمالي ۽ بشير جمالي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شٽر بند ھڙتال ڪري مھراڻ ھاءِ وي کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ جمالي برادري سميت سياسي، سماجي، مذھبي ۽ قومپرست اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مقتولن جي وارثن حاجي غلام جمالي، سهيل جمالي  ۽ سماجي ورڪر فيصل جمالي چيو ته 12 ڏينهن اڳ وچ شھر ۾ ڪورائي برادري جي هٿياربندن غلام نبي ڪورائي ۽ طارق عرف طارو ڪورائي دوڪان تي ويٺل  شاهد رضا جمالي ۽ بشير جمالي کي گوليون هڻي قتل ڪيو، واقعي کي 12 ڏينھن ٿي ويا آهن پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي، هنن چيو ته اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجھيو  وڃي، اسان قبيلائي جھيڙو نه ٿا چاهيون، هنن چيو ته ايس ايس پي شھيد بينظير آباد واعدا به پورا ناهن ڪيا، هنن مطالبو ڪيو ته شاهد رضا جمالي ۽ بشير جمالي جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته قاتل جلد گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.