ٻانڌي(رپورٽ: طالب حسين) ٻانڌي ۾ ڪجھه مھينا اڳ لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيل نوجوان عبدالستار چانڊيو جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مھراڻ ھاءِ وي تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ايس ايچ او ٻانڌي پوليس نفري ساڻ ڪري ڌرڻي واري ھنڌ پھتو جتي ڌرڻو ھڻندڙن سان ڳالھيون ڪيون پر احتجاج ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد پوليس ڌرڻو ھڻندڙن مٿان ڪڙڪي پئي ۽ مظاھرين تي لٺبازي ڪري روڊ ڪولرايو، جڏهن ته پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندڙ پيرسن عبدالحميد چانڊيو سميت  چئن ڄڻن عبدالحق چانڊيو، سھيل چانڊيو ۽ عادل چانڊيو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، پوليس مقتول جي پيءُ عبدالحميد سميت گرفتار ڪيل 4 ڄڻن ۽ 20 نامعلوم ماڻھن مٿان روڊ بند ڪرڻ ۽ امن امان خراب ڪرڻ جو سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان عبدالستار چانڊيو جي پيءُ چيو ته سندس پٽ کي جوابدارن پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻوڙي قتل ڪيو، پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، الٽو پوليس مون سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته اڄ گرفتار ٿيلن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.