ٻانڌي (ن پ ا) 2 ڏينھن اڳ حسن آباد لڳ ڳوٺ خدا بخش ڏاھري ۾ وڻ وڍڻ تان قتل ٿيل عبدالوحيد عمراڻي واري واقعي جو ڪيس سندس ڀاءُ ماھي خان عمراڻي جي فرياد تي عمراڻي برادري جي ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ حسين بخش عمراڻي، خادم عمراڻي ۽ عابد عمراڻي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته حسين بخش عمراڻي ڌر سان وڻ وڍڻ تان معاملو ھلندڙ ھو، سندس بچ تي ڄاڻايل جوابدارن ڀاءُ کي لوھي راڊ سان ڌڪ ھڻي قتل ڪيو، هوڏانهن ٻانڌي پوليس مک جوابدار خادم عمراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻئي پاسي جھيڙي واري ڏينھن سرڪاري اسپتال اندر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ پوليس سان چڪرين جو عمراڻي برادري جي 8 ڄڻن خلاف سرڪاري مدعيت ۾ پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.