ٻانڌي(ن پ ا) ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي الله بخش مري واسي نوجوان عمران پٽ محمد ابراھيم مري گھرو تڪرار تان پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٻانڌي اسپتال آندو پيو وڃي ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش ٻانڌي اسپتال مان قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.