ٻانڌي (ن پ ا)ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ عبدالخالق راجپر ۾ معمولي ڳالهه تان 14ورھين منير احمد بگٽي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ٻانڌي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته فوتي جو ڳوٺ نوشھرو ضلعي جو ھجڻ ڪري لاش نوشھرو ضلعي جي ڪنھن اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪيو ويندو جتي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.