ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي نجي ھوٽل ۾ ماءُ جي ٿڃ جي عالمي ڏھاڙي بابت سيمينار ڪوٺايو ويو، آءِ آر سي، ايس پي او ۽ مرف اين جي اوز جي ضلعي آفيسرن عرفان علي ڏاھاڻي، محمد صادق سومرو، زاھد علي ميراڻي، لالا سجاد پٺاڻ جي ميزباني ھيٺ پروگرام ۾ انڊس انوائرمينٽ آرگنائيزيشن جي سي او سيد زاھد علي شاھ، صوفي سچل جي فوڪل پرسن شفاعت الله کوسو، ھينڊس جي ضلع آفيسرن، آفتاب احمد سومرو، نظير احمد سومرو، ڊاڪٽر ويويڪ، محمد اسحاق ڀرڳڙي، ليڊي ھيلٿ ورڪرن، وزيٽرن ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، مقررن جو چوڻ هو ته معصوم ٻارڙن کي ڇھن مھينن تائين سواءِ ماءُ جي ٿڃ کانسواءِ ٻي ڪا به خوراڪ نه ڏني وڃي، 2 سالن تائين ماءُ جي ٿڃ لازمي آھي جنھن سان ٻار ۽ سندس ماءُ جي صحت ۾ بھتري ايندي آھي، تڃ پياريندڙ ماءُ ڇاتي جي ڪينسر سميت ٻين بيمارين کان بچاءُ ٿئي ٿو.