ليڪسنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز)آمريڪا ۾ هڪ ٻار پنهنجي ماءُ جي فون استعمال ڪندي ايميزون تان 70,000 ڊم ڊم لوليپاپس جي آرڊر تي 4,200 ڊالر خرچ ڪيا. آمريڪا جي ڪينٽڪي جي شهر ليڪسنگٽن جي رهواسي هولي لي فيورس چيو ته هوءَ پنهنجي دروازي تي ڊم-ڊم جا 30 دٻا ڏسي حيران ٿي وئي. هر دٻي ۾ 2340 لوليپاپس هئا. هر دٻي جي قيمت 130 ڊالر آهي، جنهن سان 30 دٻين جي ڪل قيمت 4,200 ڊالر ٿئي ٿي. هولي جي پٽ ليام (جيڪو ٻئي درجي ۾ آهي) اعتراف ڪيو ته هن پنهنجي ماءُ جي فون سان کيڏندي لوليپپ آرڊر ڪيو هو. ايميزون شروعات ۾ اٺ باڪس واپس وٺڻ تي راضي ٿيو. بعد ۾، ايميزون عورت سان رابطو ڪيو ۽ سڀئي دٻا واپس وٺڻ تي راضي ٿي ويو.