باڪو / ڪراچي (م ڊ / اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻار ۽ نوجوان رڳو موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ آهن هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس (COP29) کي خطاب ڪندي چئي. پنهنجي پهرئين سرڪاري دوري دوران وڏي وزير پاڪستان پويلين ۾ يونيسيف پاران منعقد ڪيل هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن هڪ اهم پڌرنامي تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ ٻارن، نوجوانن ۽ موسمياتي عمل تي ڌيان ڏنو ويو. هي قدم ايندڙ نسلن کي ترجيح ڏيندڙ موسمياتي سمارٽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو ثبوت آهي. انساني ترقي سان گڏ موسمياتي لچڪ کي مضبوط ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت جي عزم کي اجاڳر ڪيو آهي.