نافرمانيون، بدتميزيون ۽ بداخلاقيون صرف ٻار ئي ناھن ڪندا پر اسان وڏا بہ ڪندا رھندا آھيون، اسان جون حڪومتون بہ ڪنديون رھن ٿيون تہ اسان جا ادارا بہ ڪندا رھن ٿا. اھا ٻي ڳالھ آھي تہ ٻارن جون نافرمانيون ۽ بدتميزيون ٻارن جي بي وسي، معصوميت جي سبب برپا ٿين ٿيون ۽ اسان وڏن جون اسان جي سخت روين ۽ ادارن جون سماجي اخلاقيات، قانون ۽ آئين جي لتاڙ ڪرڻ ۽ اقتدار ۽ اختيارن جي غلط استعمال ڪرڻ جي ڪارڻ برپا ٿينديون رھن ٿيون. يعني ھڪ پاسي مزاج جو مسئلو آھي تہ ٻئي پاسي مفادن جي ويڙھ آھي. نافرمانيون ڪرڻ واري ٻار جي تربيت ۾ تمام گھڻي کوٽ شامل ھوندي آھي پر جيڪڏھن ائين ناھي بہ ھوندو تہ اھڙن ٻارن کي ھنن جي گھرن ۾ نظر انداز ڪيو ويو ويندو آھي. انھيءَ کان علاوھ ٻيا بہ کوڙ سارا سماجي، معاشي، سياسي ۽ وڏي ڳالھ تہ نفسياتي ڪارڻ بہ ھوندا آھن جيئن غربت واري ماحول ۾ پرورش پائڻ دوران محرومين جو شڪار ٿيڻ ۽ غلط واٽن تي ھلڻ يا خوشحال گھراڻي سان تعلق ھجڻ سبب تڪبر ۽ غرور جو شڪار ٿي وڃڻ. اسان اڪثر ھي بہ ڏسندا ۽ ٻڌندا آھيون تہ: “ٻار آھن. وقت سان گڏ پاڻھي سڌري ويندا”. يعني ٻار ھجڻ بہ ھڪ قسم جي رعايت آھي، ڇاڪاڻ جو ٻارن جون سوين اھڙيون حرڪتون ھجن ٿيون، جيڪي نافرماني ۽ بدتميزين جي ذمرن ۾ تہ اچن ٿيون پر اسان سڀ جون سڀ معاف ڪري ڇڏيندا آھيون. جيڪڏھن نوٽيس بہ وٺندا آھيون تہ بس ھلڪي ڦلڪي نموني ڇينڀي، ڇڏي ڏيندا آھيون. اسان سڀني جو ايمان آھي تہ ٻارن جي سڌرڻ جا موقعا سدائين موجود رھن ٿا، ڇاڪاڻ جو ٻار معصوم ھوندا آھن. انھيءَ ڪري ٻارن کي نہ گھڻو ڪجھ چيو ويندو آھي، نہ وري گھٽ وڌ ڳالھايو ويندو آھي. اڄڪلھ تہ قانوني طور تي بہ ٻارن تي ڪنھن بہ قسم جو تشدد ڪرڻ يعني ذھني توڻي جسماني منع ٿيل آھي. ٻارن جون نافرمانيون انھيءَ ڪري بہ نظر انداز ڪيون وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ جو ٻار تہ ٻار آھن ۽ ھو پنھنجي فطرتي حق، مجبوري ۽ نفسياتي گھرجن جي سبب دستاويزي يا لفاظي قيد و بند کان آزاد ھجن ٿا. مان تہ ائين بہ چوندو رھندو آھيان تہ ٻارن جون حرڪتون ڪرڻ، وڏن کي تنگ ڪرڻ يا مذاق مستيون ڪرڻ ھنن جو فطرتي حق ھونديون آھن ۽ اھڙا ٻار ئي ٽيلنٽڊ ٿيندا آھن. بس شرط ھي آھي تہ اھڙن ٻارن جي تربيتن، ۽ جائز گھرجن جو پورو پورو خيال رکيو وڃي.
اصل ڳالھ ھي ھوندي آھي تہ ٻارن جون سوين قسمن جون اھڙيون خواھشون ضرور ھونديون آھن، جن جو جڏھن اسان پاران پورائو نہ ڪيو ويندو آھي يا وري اسان جي معاشي سگھ ھن ڳالھ جي اجازت نہ ڏيندي آھي جو ھنن جي خواھشن کي عملي ويس پھرائي سگھون تہ ٻار ردعمل طور ڪجھ اھڙا عمل ضرور ڪندا آھن جيڪي اسان کي ناپسنديدا ھجڻ سان گڏ اسان تي ناگوار بہ گذرندا آھن. پنھنجي ڳالھ وري بہ ھي ھوندي تہ اسان ڪري بہ ڇاٿا سگھون سواءِ دڙڪا ڏيڻ، دھمان ڪرڻ ۽ جڏھن وس نہ ھلي تہ سخت مار ڪُٽ ڪرڻ. ٻارن واري وارتا کي روڪي وري جڏھن اسان وڏن پاران ٿيندڙ پنھنجن ٻارن سان يا وري گھر ڀاتين سان جنھن قسم جون نافرمانيون، بدتميزيون ۽ بداخلاقيون ڪندا آھيون ۽ انھن جي رد ۾ جيڪو رد عمل سامھون ايندو آھي اھو تمام گھڻو خطرناڪ ھوندو آھي. گھر ڀاتي منھن خراب ڪندا آھن تہ گھر جو ماحول بي رونق ۽ ٻُسو بڻجي ويندو آھي ۽ ٻار پنھنجي ناسمجھي، گھٽ عقلي ۽ انتقامي سوچ سبب يا تہ پاڻ کي نقصان ڏيندا آھن يا وري اھڙو ڪو غير اخلاقي ۽ غير قانوني عمل ڪندا آھن جيڪو اسان سڀني جي لاءِ سڄي زندگي روڳ بڻجي پوندو آھي. اولاد قدرت پاران عطا ڪيل اھا دولت ۽ نعمت ھوندي آھي جيڪا وفا ڪري تہ زندگي پرسڪون گذرندي رھندي آھي پر جڏھن ڪنھن سبب جي ڪري ڪاوڙجي بيوفائيون ڪرڻ تي اچي تہ، ھن جھڙي ٻي ڪا بہ وڏي سزا ڪانھي ڪا. ٻارن جي تربيت ضروري ھجڻ سان گڏ وقت بہ گھري ٿي. اسان مان اھڙا ڪيترا خاندان آھن جيڪي ٻارن سان دوستاڻا رويا ۽ اعتماد وارا تعلقات رکن ٿا. اسان جو سنڌي معاشرو تہ وري گھڻي قدر ٻار ۽ عورت دشمن ئي ھجي ٿو. شايد اھوئي سبب آھي جو اسان جو ھر فرد شڪي مزاج، تنگ نظر، گھپي باز، رونشي ڪوڏيو، ڪروڌي ۽ وروڌي ھجي ٿو. اسان سڀني جون تربيتون ڪجھ اھڙي ماحول ۾ ٿين ٿيون جتي سھي ڳالھ ڪرڻ تہ پري رھيو پر، خالي کلڻ بہ خواري جي ذمري ۾ اچي وڃي ٿو. تعليم اسان جو ڪجھ بگاڙي نہ سگھي آھي، ادارا ڪجھ ڪرڻ ۽ ڪجھ ڏيڻ کان نابري واريون بيٺا آھن، حڪومتون پنھنجن عملن سبب پاڻ کي بچائڻ ۾ پوريون آھن، سياسي قيادتون ۽ پارٽيون عوام جي پاسي نٿيون بيھن، عالمي مددن ۽ امدادن جون گھرجون “ڊومور” جون فرمائشون کڻي اچن ٿيون. اھڙي مجبور ۽ بي رونق ماحول ۾ ھڪ فرد اڳتي وڌي تہ ڪيئن وڌي سگھي ٿو؟ سوال ھي اھم آھي.
جيتوڻيڪ ڪنھن بہ قوم ۽ ملڪ جو نوجوان ان قوم ۽ ملڪ جو سرمايو ھوندو آھي. بھتر مستقبل جي نويد ھوندو آھي پر جڏھن ھر پاسي مايوسيون گھر ڪري وڃن تہ ان نوجوان جي حالت لاچاري، سگھ ڪٽ لڳل ۽ شخصيت ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيندي رھي ٿي. اسان جا اھڙي قسم جا نوجوان توڻي جو اعليٰ تعليم يافتا ھجڻ سان گڏ پاڻپڏائو بہ ھجن ٿا پر، جڏھن ھنن کي ڪٿي ڪنھن موضوع تي “پيش تعارفَ” يعني پرزينٽيشنز ڏيڻ جي لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اھي لھرائين ٿا، تقرير لاءِ گھرايو وڃي ٿو تہ ٽال مٽول ڪري جان ڇڏائين ٿا ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ جي لاءِ چور دروازا (شارٽ ڪَٽس) استعمال ڪن ٿا. اسان وٽ ھن وقت اھڙن ادارن جي کوٽ ڪانھي ڪا جيڪي جديد تعليم ڏيڻ جا مرڪز تصور ڪيا وڃن ٿا خاص طور جڏھن اسان خانگي شعبي جي ڪردار جي ڳالھ ڪيون ٿا ۽ اھڙن خوشحال گھراڻن جي بہ ڪمي ڪانھي ڪا جيڪي پنھنجي ٻارن جي بھتر کان بھترين تربيت ڪري سگھن ٿا تہ پوءِ مسئلو ڪٿي ۽ ڪنھن سان تعلق رکي ٿو؟ مسئلو اسان جي ادارن سان بہ تعلق رکي ٿو تہ ساڳي وقت اسان جي سوچن ۽ روين جي عڪاسي بہ ڪري ٿو. ڪمزوريون ھجن يا ڪوتاھيون تربيت ڏيڻ سان دور ٿي سگھن ٿيون ۽ ٿي وڃن ٿيون ڇاڪاڻ جو ڪمزورين ۽ ڪوتاھين جو تعلق اسان جي انھن پيشوراڻي ڪمين سان ھجي ٿو، جيڪي اسان کي پنھنجي دفتري ڪم ڪار کي اڪلائڻ ۾ دقت پيدا ڪن ٿيون. پر نافرمانين، بدتميزين ۽ بداخلاقين جو تعلق اسان جي روين سان ھجي ٿو. ھي ختم ٿي نٿيون سگھن ڇاڪاڻ جو ٺاھڻ واري ھنن کي اسان جي جسم و جان جو حصو بڻائي ڇڏيو آھي يعني اھي اسان جي فطرت ۾ شامل (اِنبِلٽ) آھن، نہ اھي اسان جي جان ڇڏين ٿيون، نہ اسان ڇڏڻ چاھيون ٿا باوجود ھي ڄاڻڻ جي تہ اسان جي ھنن روين ۽ سخت گفتن جي ڪري اسان کان ڪافي ماڻھو خفا رھن ٿا پر پوءِ بہ پاڻ ۾ بھتري نٿا آڻيون. دنيا مريخ تي قدم رکڻ جا ،منصوبا تيار ڪري ڇڏيا آھن، موبائل فون ڪمپنيون چنڊ ۽ زمين جي وچ ۾ رابطي ڪاري جي لاءِ انٽرنيٽ جون سھولتون پھچائڻ جون ڳالھيون ڪري رھيون آھن ٻئي پاسي اسان جي دنيا آھي جيڪا پنھنجي شھر کي تہ ڇڏيو پنھنجي گھر جي ٻاھران گھٽي جي ٽڪري کي بہ خوبصورت نٿي بڻائي. ھڪ جاپاني چوڻي مشھور آھي تہ: “ھر ماڻھو جيڪڏھن پنھنجي گھر ٻاھران گھٽي جي ٽڪري جي باقاعدگي سان صفائي ڪندو رھي تہ ھوند سڄو شھر صاف ۽ ٻھڪندو نظر ايندو”. سوال توھان تي ڇڏيون ٿا تہ: زندگي ايڏي بي رونق ڇو ۽ ڇالاءِ آھي؟ ڇا ھن بي رونقي لاءِ اسان جون نافرمانيون، بدتميزيون ۽ بداخلاقيون ذميوار تہ نہ آھن؟ جواب ”ھا“ ۾ آھي تہ سڌارو ممڪن آھي. جيڪڏھن “نه“ ۾ آھي تہ بھتري جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي مثل آھي.