حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي گاجي کھاوڙ مان گم ٿيل ڇھن سالن جي ٻارڙي شبيران کوسو سان لڄالٽ ۽ قتل واقعي جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارڙي شبيران کوسو جو قتل ۽ ساڻس لڄالٽ انتھائي وحشت ۽ درندگي جو واقعو آھي. ھن سفاڪ واقعي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيو آھي. افسوس جو مقام آھي جو معصوم ٻارڙي 3 ڏينھن کان گم ھئي جنھن بابت پوليس کي سڀ خبر ھئي پر پوليس ڪو ايڪشن نه ورتو جنھن ڪري بي رحم واقعو پيش آيو آھي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي مسلسل چوٿين حڪمراني سنڌ کي المين جي ڌرتي بنائي ڇڏيو آھي. ٿوري ٿوري وقت سان اھڙا درندگي جا واقعا پيش اچن ٿا جو ماڻھن جا لڱ ڪانڊارجيو وڃن. سنڌ کي معصوم ٻارن، نياڻين جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي.