ٽنڊو مستي: ٻڏي فوت ٿي ويل روينا ۽ مسڪان جي والد نياز علي جوڳي لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته ڳوٺ ڀرسان مڇيءَ جي تلاءُ وٽ عورتون اڪثر ڪپڙا ڌوئينديون آھن ۽ ٻارڙيون ساڻن گڏ راند روند ڪنديون رهنديون آھن. ان دوران ھڪ ٻارڙي تلاءُ ۾ ڪِري پئي، جنھن کي بچائيندي ٻيون ٻارڙيون به پاڻيءَ ۾ لهي پيون ۽ هڪ ٻئي کي بچائڻ جي ڪوشش دوران چار ئي نياڻيون ٻڏي فوت ٿي ويون. نينگري سھانا جي والد مختيار جوڳي ٻڌايو ته ٻارڙيون تلاءُ ڪناري گرميءَ کان بچڻ لاءِ وھنجي رھيون ھيون ته ٻڏي ويون. ڏکويل وارثن جو چوڻ هو ته اسان جو گھر اُجڙي ويو، گلن جھڙيون نياڻيون اسان کان وڇڙي ويون، پر ڪو به چونڊيل توڙي ضلعي انتظاميا جو نمائندو ھن ڏک واري وقت ۾ لڙي به ناھي آيو.