سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف پاڪ فوج ۽ رينجرز جي مدد سان آپريشن ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، درخواست ۾ وفاقي، صوبائي حڪومت، گهرو وزارت، رينجرس ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو. ان ڏس ۾ بئريسٽر خان عبدالغفار خان مطابق ۾ درخواست داخل ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سکر، خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جون محفوظ اماجگاهون موجود آهن، شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جا قاتل به ڪچي واري علائقي ۾ فرار آهن، جتان مقتولن جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي ڇو جو ڄاڻايل علائقا پوليس جي لاءِ ورهين کان نوگو ايرياز بڻيل آهن. ڏوھاري وڏي آساني سان مغوين کي ڪچي وارن علائقن ۾ يرغمال بڻائي انهن جي وارثن ڏانهن تشدد واريون وڊيوز اماڻي ڀنگ طلب ڪن ٿا. ميڊيا رپورٽن موجب 100 کان وڌيڪ شهري جنهن ۾ معصوم ٻارڙا به شامل آهن ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻايل آهن. درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته به سال اڳ سنگرار مان پراسرار نموني اغوا ٿي ويل معصوم پريا ڪماري کي به پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي. درخواست ۾ وفاقي گھرو وزارت، سنڌ حڪومت، گهرو معاملن واري وزارت کي ڌر ڄاڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پوليس، رينجرز ۽ فوج جي مدد سان سکر، شڪارپور، ڪندڪوٽ، گھوٽڪي، جي ڪچي ۾ آپريشن ڪري شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري سمورن يرغمالين کي بازياب ڪرايو وڃي.