لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا سنيتا مارشل اعتراف ڪيو آهي ته ٻارن کي بهتر بڻائڻ جي ڊوڙ ۽ چڪر ۾ مان نه صرف ٻارن بلڪ پاڻ کي به پريشان ڪيو پر هاڻي مان ايئن ناهيان ڪندي. سنيتا مارشل ويجهڙ ۾ ندا ياسر جي مرننگ شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن والده طور ٻارن جي تربيت جي حوالي سان پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪيو. اداڪارا ٻڌايو ته پهريان اها ٻارن کي پرفيڪٽ بڻائڻ چاهي پئي، انهن کي گهوڙي جي ڊوڙ سميت ترڻ ۽ ٻيون شيون سيکارڻ سان گڏوگڏ پڙهائي ۾ سٺا نمبر آڻڻ لاءِ تيار ڪندي هئي. سنيتا مارشل ٻڌايو ته ٻارن کي پرفيڪٽ بڻائڻ، کين هر شعبي ۾ بهتر بڻائڻ جي چڪر ۾ مان پاڻ کي ۽ ٻارن کي پريشان ڪيو. هن چيو ته ٻارن کي پرفيڪٽ بڻائڻ جي چڪر ۾ مان شوٽنگ سيٽ تي ساٿي فنڪارن سميت ٻي ٽيم سان جهيڙو ڪندي هيس ته مونکي گهر وڃي ٻارن کي گهوڙي جي ڊوڙ يا ترڻ جي ڪلاسن لاءِ وٺي وڃڻو آهي. سنيتا مارشل چيو ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هر انسان پرفيڪٽ نه هوندو آهي ۽ هر ڪنهن جون پنهنجون صلاحيتون هونديون آهن.