ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته سيف سٽي منصوبي جي پهرين مرحلي تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي، عوام جو تحفظ ۽ سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ڪالهه سنڌ سيف سٽيز اٿارٽيز جي چيف آصف اعجاز شيخ وڏي وزير سان ملاقات ڪري رٿا بابت ٻڌايو  ته منصوبي تي تيزي سان ڪم جاري آهي. ايڪسپو سينٽر  سميت ڪيترائي اهم علائقا سخت نگراني هيٺ آهن.  300 پولنگ سائيٽن مان 157 ڪاميابي سان انسٽال ٿي چڪيون آهن، 20 پولنگ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سي پي او ڪنٽرول روم ۽ سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي هيڊ ڪوارٽرن مان 100 ڪيميرائن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، 5 ايمرجنسي رسپانس گاڏيون تيار آهن، جڏهن ته ڪمانڊ سينٽر ۾ سامان لڳائڻ جو ڪم جاري آهي. سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ خاص مانيٽرنگ روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي، “ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام“  واري عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه  چيو ته اسان کي تعليم، شعور ۽ فهم ذريعي پنهنجي سماج مان ظلم ۽ بربريت کي ختم ڪرڻ گهرجي.  جديد ٽيڪنالاجي ٻارن جي تحفظ لاءِ موثر هٿيار طور ڪم ڪري سگهي ٿي. وڏي وزير والدين ۽ استادن تي زور ڀريو ته اهي ٻارن کي ٽيڪنالاجي جي ذميواراڻي استعمال جي سکيا ڏين. هن زور ڏنو ته معصوم ٻارن سان زيادتين کي روڪڻ لاءِ آگاهي پکيڙڻ ضروري آهي.