ھڪ استاد جڏھن ٻارن کي محنت، لڳن ۽ قومي جذبي سان پڙھائيندو آھي ۽ موٽ ۾ ٻار جڏھن حيران ڪندڙ ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪندا آھن ته، ڳالھ حيران ٿيڻ جي نه پر خوش ٿيڻ جي ھوندي آھي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران قومي ۽ عالمي گھرجن کي سامھون رکي درسي ڪتابن ۾ وقت پٽاندڙ جدتي ۽ ايندڙ وقت جي دڙڪن کي نظر ۾ رکي جيڪا نواڻ آندي وئي آھي، اھا جيڪڏھن ڪنھن جي نظر ۾ معياري ناھي تڏھن به ماضي جي درسي ڪتابن جي بدلي ڪافي ڪجھ معيار واري آھي. ھر مضمون ۽ ھر درجي جا تقريبن سڀ درسي ڪتاب مَٽجي چڪا آھن، سواءِ ٻارھين درجي جي انگريزي درسي ڪتاب جي، جيڪو پنھنجي ئي کاتي جي سمجھوتن جو شڪار ٿي چڪو آھي ۽، ھن سال اچڻ وارو اھو ڪتاب ھاڻي ڪڏھن ايندو ڪابه سڌ ڪانھي ڪا. لڳ ڀڳ سڀني درجن جي انگريزي ڪتابن ۾ جنھن قسم جو مواد ۽ سرگرمين کي شامل ڪيو ويو آھي، اھو پڙھائڻ به ڪنھن چئلينج کان گھٽ ناھي. ۽ ٻي ڳالھ ته جھڙي طرح سان درجيوار ۽، ڏاڪي به ڏاڪي يونٽس کي شامل ڪيو ويو آھي، ان ڪم جي ساراھ نه ڪرڻ ۽، نه ھمٿائڻ به ھڪ قسم جي زيادتي آھي. ھِيءَ حقيقت عالمِ آشڪار آھي ته سنڌ حڪومت جي ھر اداري، کاتي ۽ پراجيڪٽ جي ڪارڪردگي ڪا ايتري متاثر ڪن ناھي باوجود سنڌ جي سورنھن سال لاڳيتو راڄنيتي ڪرڻ جي، پر اسان کي ھن ڳالھ جو اقرار به ڪرڻ گھرجي ته، ڪجهه ادارن ۾ ڪجھ نه ڪجھ بھتر به ضرور ٿي رھيو آھي، سو چڱي ڪم جي واکاڻ ڪرڻ سان گڏ ان کي نمايان به ڪرڻ گھرجي. ھڪ ڏينھن معمول ۽ يونٽ جي گھرج جي مطابق نائين ڪلاس جي ٻارڙين کان ھي سوال ڪيم ته، “ھڪ قومي رھنما ۾ ڪھڙيون خوبيون وڌ ۾ وڌ ۽ ڪھڙيون خوبيون گھٽ ۾ گھٽ ھجڻ گھرجن”، ته ٻارڙين زبردست جواب ڏنا. سوالن جوابن جو اھو سلسلو بحث مباحثي ۾ تبديل ٿي ويو ته دل ويتر خوش ٿي وئي. اڄڪلھ جو ٻار سوشل ميڊيا يا پنھنجي صلاحيتن جي ڪري ڪافي ڪجھ اڳتي آھي. ڪتابن ۾ شامل يونٽس ۾ اسان کي ھي ٻڌايو ويو آھي ته ڪنھن به موضوع کي پڙھائڻ کان اڳ ۾ ٻارن کان ان موضوع جي باري ۾ پڇيو وڃي ته، ھنن وٽ ان جي باري ۾ اڳ ۾ ڪھڙي ڄاڻ آھي؟ يعني ٻارن کان موضوع جي مطابق سوال ڪيا وڃن ۽ ھنن جي معلومات کي پرکيو وڃي ته ٻار موضوع جي باري ۾ ڪيتري قدر سجاڳ آھن.
موضوع، يعني عنوان جي مطابق سوال ڪرڻ ۽ ٻارن پاران ان ۾ دلچسپي وٺڻ ثابت ٿو ڪري ته جيڪڏھن ٻارن کي پڙھائيءَ جي لاءِ مناسب ماحول مھيا ڪري ڏجي ٿو ته، ٻار بھتر کان بھترين ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪن ٿا. ٻار پڙھائيءَ جي لاءِ مناسب ۽ ھاڪاري ماحول جو انتظار ڪري رھيا ھوندا آھن. ڇاڪاڻ جو اھڙي ماحول ۾ ٻار پاڻ کي ھلڪو، سھل ۽ بي خوف محسوس ڪندا آھن. روايتي خوف، ڊپ ۽ ڊاءُ وارو ماحول ھوندو ته ٻار پڙھائي ۾ دلچسپي وٺڻ جي بدلي خاموش رھڻ کي پسند ڪندا آھن. ڪنھن به عنوان تي کُلي ڪري بحث ڪرڻ ته پري رھيو پر، پنھنجي سرسري ڄاڻ ڏيڻ کان به ڪترائيندا آھن. ياد رکڻ گھرجي ته ھر ٻار پيدائشي طور تي باصلاحيت ھوندو آھي پر، اھو ماحول ھوندو آھي جيڪو يا ته ٻار کي تاريندو آھي يا وري کاريندو آھي. دنيا جون ڪافي وڏيون ڪمپنيون ۽ ادارا ٻارن جي صلاحيتن مان ھيئن فائدو کڻندا آھن ته اھي ٻارن کان ئي پنھنجي نئين جي شئي (پراڊڪٽ) جي لاءِ راءِ وٺندا آھن. ۽ ٻار به اھو ڪجھ ڪري ڏيندا آھن جو ھر طرف واھ واھ ٿي ويندي آھي. جيئن ڪنھن انوکي گاڏي جي ڊزائين تيار ڪرائڻ، جيئن ڪنھن اميوزمنٽ پارڪ جي باري ۾ خيال سازي ڪرڻ، يا ڪا اھڙي فلم تيار ڪرڻ جيڪا ھڪ مختلف دنيا جي باري ۾ ھجي. ٻار پنھنجي خيالن جي دنيا جو اھو بادشاھ ھوندو آھي، جيڪو ھن دنيا کي ھڪ الڳ ئي رنگ ڍنگ ۾ ڏسڻ چاھيندو آھي. ھن جا منفرد، نرلا ۽ انوکا ويچار ۽، خيال دنيا جي آڏو اچڻ جي لاءِ بيقرار ھوندا آھن. شرط ھِي ھوندو آھي ته ٻارن کي ھڪ دوستاڻي ۽ آزاد فضا ۾ ساھ کڻڻ جي لاءِ آزاد ڇڏيو وڃي. گھر کان وٺي ھڪ تعليمي يا تربيتي اداري تائين ھڪ اھڙي ماحول جي ضرورت ھجي ٿي، جيڪو ھنن کي سٺي ڪم جي لاءِ ھمٿائي، نامناسب سرگرمين کان پري ڪري، اڳتي وڌڻ جي موقعن جي باري ۾ ٻڌائي، تعليمي پروگرامن ۾ بھرو وٺڻ جي لاءِ اڪسائي ۽، صلاحون ڏئي. باوقار پيشن جي چونڊ ۾ ھن کي صحيح رستن جي باري ۾ آگاھي ڏئي. مشڪل ۾ ڪيئن ثابت قدم رھجي ۽، ڏکين حالتن جو مقابلو ڪيئن ڪجي، اھڙن گُرن ۽ رھنما اصولن جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي. مايوسين کان پاسو ڪرڻ ۾ مددگار بڻجي، حوصلو ڏئي ته ھي مشڪل وقت به گذري ويندو. احساس ڏياري ته ايندڙ وقت توھان جو آھي. بس دل لڳائي پڙھائي ڪيو. امتحانن ۾ مٿيان گريڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ خوب محنت ڪريو. پنھنجي شخصيت ۾ نکار آڻيو وغيره. نه صرف ايترو پر، سٺا ڪتاب پڙھڻ جي لاءِ قائل ڪري، سٺي فلم ڏسڻ جي لاءِ ڏس پتا ڏئي. ڪنھن سٺي فرد سان ملڻ جي لاءِ رھنمائي ڪري. ساڳيو ماحول پڙھائيءَ جي لاءِ مددگار ھجڻ سان گڏ يادن کي محفوظ ڪرڻ ۾ به ھنن جو سھڪاري بڻجي. ھن کي ھڪ اھڙو ماڻھو بڻائي جيڪو ٻئي جي راءِ، مذھب، ٻولي ۽، ثقافت جو دل سان احترام ڪري. سماجي انصاف لاءِ ڪم ڪندڙ بڻائي، ۽ ھڪ اھڙو ته بردبار انسان بڻائي، جيڪو ڏکين حالتن ۾ ثابت قدم رھڻ سان گڏ انھن جو ڄمي مقابلو به ڪري. ھاڻي نائين درجي وارين ٻارڙين جي انھن خيالن کي توھان سان ونڊ ڪيون ٿا، جن کي ھنن ھڪ قومي رھنما ۾ ڪھڙيون خوبيون وڌيڪ ۽ ڪھڙيون خوبيون گھٽ ھجڻ گھرجن، واري عنوان جي باري ۾ بحث مباحثي جو حصو بڻايو. سڀ کان وڌيڪ ٻارڙين چيو ته ھڪ قومي رھنما کي پنھنجي مقصدن (گولز) جي باري ۾ چِٽو ھجڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو مقصد واضح ھوندا ته منزل آسان ٿي پوندي. ٻئي نمبر تي ھِي ڳالھ ڪئي ته ٽيم ورڪ (گڏيل سگھ) ۾ يقين رکندڙ ھجي. اتسائيندڙ ۽ ھمٿائيندڙ ھجي. عوام جي تڪليفن جو صرف احساس نه پر، ان جي لاءِ دل و جان سان ڪم ڪري ۽ ثابت ڪري ڏيکاري ته واقعي ھو ھڪ قومي رھنما آھي. پنھنجي ڪردار ۽ گفتار ۾ فرق نه رکندڙ ھجي. مشڪل ۾ عوام سان گڏ بيٺو رھي. جدتي ۽ ترقي پسند ھجي. دقيانوسي خيالن کان پري ھجي ۽، ھر فرد کي ائين لڳي ته ھُو ھن جي لاءِ ئي ڪم ڪري ٿو، چاھي پوءِ منھنجو تعلق ڪھڙي به پارٽي، فرقي، نسل يا قوم سان آھي. ھي آھن اھي خوبيون جيڪي ھڪ قومي رھنما ۾ ھجڻ گھرجن ۽ جن کي نائين ڪلاس جي انھن ٻارڙين بحث ھيٺ آندو، جيڪي مختلف سماجي پسمنظرن سان تعلق رکن ٿيون.
آخر ۾، ھِيءَ ڳالھ به ضرور ڪرڻ چاھيندس ته، جن ٻارڙين بحث ۾ حصو ورتو، انھن مان اڪثر جا ويچار ھڪجھڙا ھئا، اھائي ڳالھ حيران ڪندڙ ھئي، ڇاڪاڻ جو مون ھنن کي ڪتاب ۾ شامل نقطن کي اڳ ۾ نوٽ ڪرڻ جو چيو ھو. ھِي اھي ٻارڙيون آھن، جن جا پير گھر کان ٻاھر صرف اسڪولن لاءِ نڪرن ٿا. سوچڻ جي ڳالھ ھِيءَ آھي ته اسان جي عوامي حڪومت پاران ھنن جي لاءِ، نه مناسب پارڪ آھن، نه سُٺيون لائبرريون آھن، نه ذھني سڪون مھيا ڪندڙ تفريح جو ساز و سامان آھي ۽ نه وري اھو محفوظ ماحول مھيا ڪري ڏنو وڃي ٿو، جيڪو ھڪ ملڪ جو شھري ھوندي ان جو آئيني حق بڻجي ٿو. ھڪ اھڙو ماحول، جيڪو ٻار کي پڙھائيءَ ۾ اڳتي ڪري. ھڪ اھڙو ماحول، جيڪو ٻار کي ھِي احساس ڏياري ته ھُو جڏھن گھر کان ٻاھر قدم رکندو ته ھُو ٻاھر گھر کان به وڌيڪ محفوظ آھي.