ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار شاهد ڪپور ۽ ان جي گهرواري ميرا راجپوت ٻارن جون تصويرون ڪڍڻ تي هندستاني ميڊيا جي فوٽوگرافرن تي مڇرجي پيا، اهڙي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي. هندستاني ميڊيا موجب تازو امباني انٽرنيشنل اسڪول جي سالياني تقريب ٿي جنهن ۾ بالي ووڊ ستارا به آيا هئا، انهي اسڪول ۾ شاهد ڪپور جا ٻار به پڙهندا هئا. تقريب جي هڪ وڊيو منظر تي اچي وئي آهي جنهن ۾ شاهد هندستاني ميڊيا جي فوٽوگرافرن تي ڪاوڙ ڪندي نظر اچي رهيو آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاهد ڪپور ۽ سندس گهرواري ميرا تقريب واري هنڌ کان ٻاهر بيٺل پنهنجي گاڏي جو انتظار ڪري رهيا آهن ان دوران فوٽوگرافرز جوڙيءَ جي ٻارن جون تصويرون ڪڍڻ ۾ لڳي ويا. جنهن تي اداڪار کي ڪاوڙ لڳي. شاهد ڪپور ڪاوڙ ۾ فوٽوگرافرز کي چوي ٿو ته ٻارڙن سان گڏ تصويرون نه ڪڍو توهان پهرين به تمام گهڻيون تصويرون ڪڍي چڪا آهيو.