ٻارن تي تشدد ڪندڙ سماج جو تاريخي ۽ سماجي جائزو!

0
54
ٻارن تي تشدد ڪندڙ سماج جو تاريخي ۽ سماجي جائزو!

 ننڍپڻ هر انسان جي زندگيءَ جو اهم مرحلو ٿئي ٿو، جتي سندس شخصيت، نفسيات، سڃاڻپ ۽ سماجي شعور ٺهڻ شروع ٿين ٿا. جيڪڏهن اهو مرحلو خوف، ڏک ۽ تشدد سان ڀريل هوندو ته نه رڳو ان فرد جو مستقبل پر سڄي سماج جي جوڙجڪ متاثر ٿئي ٿي، اهڙي حالت ۾ جڏهن هڪ پورو سماج ٻارن کي جسماني، جذباتي ۽ ذهني تشدد جو نشانو بڻائيندڙ هجي ته ان جا ناڪاري اثر نسلن تائين هلندا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان جي آئين ۾ ٻارن جي تعليم، تحفظ، سماجي ڀلائي، جبري پورهئي خلاف ۽ انساني وقار کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي آرٽيڪل شامل آهن پر انهن تي عمل نه  ٿيڻ سبب لکين ٻار اڄ به تعليم کان محروم، جبري پورهئي جو شڪار ۽ عدم تحفظ جي خوف ۾ ورتل آهن.

                 تاريخ جي ورقن ۾ اسان کي اهڙن سماجن جا ڪيترائي مثال ملن ٿا جتي ٻارن جي حيثيت گهٽ درجي جي سمجهي ويندي هئي قديم يونان ۾ غلام ٻارن کي وڪرو ڪيو ويندو هو، بيٺڪيت واري دور ۾ انگريزن ۽ ٻين سامراجن، مقامي ٻارن کي مزدوري، فوجي تربيت ۽ نوڪرين لاءِ استعمال ڪيو،برصغير ۾ به انگريزن جي دور ۾ اسڪولن ۽ مدرسن ۾ تشدد کي “تربيت” جو حصو سمجهيو ويندو هو پاڪستان ۾ به 1947ع کانپوءِ سرڪاري اسڪولن ۾ استاد جي هٿ ۾ ڏنڊو ڏنو ويو، والدين جي هٿ ۾ ته ٻارن لاءِ اڳيئي ڏنڊو هو ۽ سماج جي هٿ ۾ ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو لائسنس ڏنو ويو، خاص طور تي انتهاپسندي ۽ مدرسن جي صورت ۾ جيڪا جنرل ضياءَ الحق جي پاليسين جي نتيجي ۾ ظاهر ٿي ۽ ملڪ اڃان تائين ان جا ڪيتا لوڙي ٿو.

 تشدد جا سماجي ۽ نفسياتي اثر:

 *جن ٻارن تي ننڍي لاءِ تشدد ٿيندو آهي اهڙا ٻار وڏا ٿي ڪري پاڻ کي نااهل، خوفزده، ۽ بي اعتماد سمجهن ٿا.

*انهن ٻارن جو تجسس، سوال ڪرڻ جي همت، تخليق ۽ نواڻ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت مري وڃي ٿي.

*اهي ٻار تشدد کي قبول ڪري ان کي روايت سمجهڻ لڳن ٿا انڪري انهن طرفان ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ بند ٿي وڃي ٿو اسان وٽ اها به روايت رهندي پئي اچي ته مار ٻار جي سنوار هوندي آهي.

*نسل در نسل تباهي جيڪي ٻار تشدد ۾ وڏا ٿين ٿا، اڪثر اهي ئي مستقبل جا ظالم والدين، استاد، يا حڪمران بڻجن ٿا ۽ اهو سلسلو هلندو رهي ٿو.

اهڙي سماجي صورتحال ۾ رياست جي ناڪامي ظاهر ٿئي ٿي اتي چائلڊ پروٽيڪشن قانون يا ته موجود نه  هوندا آهن يا انهن تي عمل نه  ڪيو ويندو آهي سياسي ادارا ۽ پارٽيون ٻارن جي حقن بابت بي پرواهه ٿين ٿا. حڪمران طبقا تعليم، تحفظ ۽ شعور جي واڌ لاءِ وسيلا مهيا نٿا ڪن هو مستقبل جي معمارن تي خرچ ڪرڻ بجاءِ دفاع، اشرافيه جي تحفظ ۽ تشدد تي ٻڌل طاقت جي نظام کي قائم رکڻ تي ڌيان ڏين ٿا.

تعليم ۽ تربيت تي اثر:

ڊيڄايل شاگرد: جنهن سماج جو تعليمي سرشتو خوف تي ٻڌل هجي اهو سماج تخليقي ذهنن بجاء صرف رٽايل طوطا پيدا ڪري سگهي ٿو. استادن جي بيحسي: اهڙي ماحول ۾ استاد پاڻ به تربيت کان محروم هوندا آهن، جن کي ٻارن سان محبت نه  بلڪه ڪنٽرول ڪرڻ سيکاريو ويندو آهي. تنقيد ۽ تخليق جي کوٽ:اهڙن شاگردن ۾ نه  ليڊرشپ جي صلاحيت هوندي آهي نه  ئي وري اهي ڪا  سماجي تبديلي آڻي سگهندا آهن. يونيسيف جي 2022ع جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 8 مان 6 ٻار جسماني يا ذهني تشدد جو شڪار ٿين ٿا ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جا نوي سيڪڙو ٻار تشدد جو شڪار ٿي قدرتي صلاحيتن کان محروم ٿين ٿا.

ڊبليو ايڇ او جي 2021 جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ هر سال تقريباً1 ارب ٻار ڪنهن نه  ڪنهن قسم جي تشدد جي گهيري ۾ اچن ٿا. پاڪستان جي هڪ غير سرڪاري تنظيم SPARC جي رپورٽ (2020) مطابق هر ڏينهن اوسطاً 8 ٻار جنسي يا جسماني زيادتي جو شڪار ٿين ٿا.

تعليم جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته پاڪستان ۾ 22.8 ملين(لڳ ڀڳ پوڻا 3 ڪروڙ) ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن (UNESCO 2023)، جن مان گھڻا تشدد، غربت ۽ ثقافتي پابندين جو شڪار آهن. اهڙي سماج جي نوجوانن ۾ ناڪاري احساس اڀرن ٿا “اسان کان ته ڪجهه به نه  ٿو ٿي سگهي” ان سوچ سبب يا ته هو پرتشدد ٿي وڃن ٿا يا بي حس بڻجي وڃن ٿا انهن جون خواهشون، صلاحيتون ۽ مقصد مري وڃن ٿا ۽ هو مايوسي ۾ جڪڙجي وڃن ٿا

بهتريءَ جا رستا ڪهڙا آهن؟؟ نفسياتي شعور جي واڌاري لاءِ مهم: اسڪولن، ڪاليجن، ۽ ميڊيا ۾ ذهني صحت ۽ ٻارن جي حقن بابت ڄاڻ عام ڪرڻ. چائلڊ پروٽيڪشن قانونن تي عمل:اها رياستي ذميواري آهي ته هر ٻار کي تشدد کان بچايو وڃي. استادن ۽ والدين جي تربيت: تربيت يافته استاد، همدرد والدين ۽ شعور ڀريو ماحول ئي تبديلي آڻي سگهي ٿو. آرٽ،ادب ۽ اظهار جي آزادي: ٻارن کي اظهار جو موقعو ڏيڻ، انهن جي تخليقن کي مڃتا ڏيڻ، انهن جي آواز کي سماج تائين پهچائڻ گهرجي.

سياسي اصلاح: رياستي پاليسين ۾ ٻارن جي تعليم، صحت، ۽ تحفظ کي اوليت ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان سماجي تبديلي جا خواهشمند آهيون  ته پوء سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجي ٻارن تي ٿيندڙ تشدد جو حساب وٺڻو پوندو ٻار فقط ايندڙ نسل نه  آهن پر  هو سماج جي اڄ جو آئينو آهن جيڪڏهن انهن کي محبت، تحفظ، ۽ عزت نه  ڏني وئي ته مستقبل هڪ ڀوائتو روپ بڻجي سامهون ايندو هڪ صحتمند سماج جي شروعات ٻار جي مرڪ سان ٿيندي آهي ۽ اها مرڪ صرف ان وقت ايندي جڏهن انهن جي زندگين مان خوف جو خاتمو ڪيو ويندو.