ٺڪراٺو (ن پ ا) عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل ٺڪراٺو واسي ٻن نوجوانن تي ڌاڙيلن تشدد واري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي، وڊيو ۾ زنجيرن سان جڪڙيل ٻئي نوجوان وارثن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ اپيل ڪري رهيا آهن، چار ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل ڳوٺ ڄام دلوش واسي ٻن نوجوانن زبردست مهتم ۽ سخاوت مهتم کي زنجيرن سان ٻڌي تشدد ڪرڻ واري وڊيو ڌاڙيلن پاران سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي، وڊيو ۾ ٻئي نوجوان پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ٻين وارثن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ چئي رهيا آهن، ڌاڙيلن پاران سندن جي فون نمبرن تان ڪال ڪري وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، نوجوانن جي وارثن الياس مهتم، علي حسن مهتم چيو ته اسان مسڪين آهيون، ايڏي وڏي ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيون، ڏوهارين نوجوانن مٿان تشدد واري وڊيو وائرل ڪئي جنهن سبب گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي، هنن نوجوانن کي آزاد ڪرائڻ جي گهر ڪئي.