ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺو ڀرسان ڳوٺ روپهر واسي اکين کان نابينن ڏير ڀاڄائي بااثرن جي مبينا زيادتين ۽ زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي محمد حيات ملڪ ۽ مسمات هدايتان ملڪ چيو ته بااثرن سڪيلڌو، عاشق علي لغاري ۽ ٻين اسان جي 2 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري بيٺل لکين روپين جي ماليت جا وڻ زبردستي وڍرائي ويا آهن، هنن چيو ته اسان بار بار مبارڪپور پوليس وٽ دانهيو آهي پر پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي، مجبور ٿي ايس ايس پي سکر وٽ دانهيو پر اڃا تائين ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي.