ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺو ۾ شھرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن معصوم نياڻين سميت سنڌ ۾ ھلندڙ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي عبدالڪريم مھر، علي حسن مھر، امان الله، غلام حسين راڄڙ، عطا سھتو ۽ ٻين چيو ته سنڌ قبيلائي جھيڙن جي باهه ۾ سڙي رھي آھي، قبيلائي جھيڙن سبب ڪيتريون ئي انسانيون جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، هنن چيو ته قبيلائي جھيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار، پوليس توڙي سنڌ جا چڱا مڙس ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هنن چيو ته تڪرارن سبب سنڌ جو امن مڪمل تباھ ٿي چڪو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ھلندڙ سمورا قبيلائي جھيڙا ختم ڪرائي امن بحال ڪرايو وڃي.