ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺو ڀرسان ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب موٽرسائيڪل کاهي ۾ ڪري پئي، نوجوان ٿڏي تي فوت، هڪ ڄڻو سخت زخمي، خبرموجب پنوعاقل ٺڪراٺو روڊ تي ڪارو نارو پل وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٺڪراٺو واسي پورهيت 35 ورھين جو رياض حسين منگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ھڪ ڄڻو صدورو ملڪ زخمي ٿي پيو، علائقي واسين فوتي جي لاش ۽ زخمي کي کاهي مان ڪڍي وارثن کي اطلاع ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته رياض حسين سيلون جو ڪم ڪندو هو، پنوعاقل ڪم سانگي ويل هو، جتان واپسي تي ڪارو نارو پل وٽ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.