ٺڪراٺو (رپورٽ: ممتازعلي مھر) ٺڪراٺي ڀرسان 8 ڏينھن اڳ مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اچيھر مان سڱاوتي معاملي تان ھٿياربندن ھٿان اغوا ڪيل مسمات زبيده مھر، سندس ڌيءَ زليخان ۽ پٽ ڪالو مھر کي سکر پوليس بازياب ڪرائي ورتو. ٽن گهرڀاتين جي اغوا ۾ ملوث 2 مک جوابدار پڻ گرفتار. خبر موجب ٺڪراٺي ڀرسان ڳوٺ اچيھر ۾ مھر برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ سڱاوتي معاملي تان ھٿياربندن هٿان اغوا ڪيل عورت زبيده زال علي نواز مھر، سندس ڌيءَ زليخان ۽ پٽ ڪالو مھر کي سکر پوليس بازياب ڪرائي ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته عورت، نينگري ۽ ٻار جي اغوا ڪيس ۾ گھربل ٻن مک جوابدارن امين ۽ علي مدد مھر کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي نشاندھيءَ تي سانگھڙ جي منڊ جمڙائو جي ريگستاني علائقي مان ٽنهي گهرڀاتين کي بازياب ڪرائي ورتو آھي. هن انڪشاف ڪيو ته اغوا معاملي ۾ ايس ايچ او مبارڪپور صدا حسين لنڊ جوابدارن مليل ھو، جنھن کي به رورٽ ڪيو ويو آھي. مٿس ايف آءِ آر به داخل ڪئي ويندي. ان موقعي تي مغوي عورت نينگري ۽ ٻار کي وارثن حوالي ڪيو ويو. واضح رھي ته 8 ڏينھن اڳ مبارڪپور ٿاڻي جي ڳوٺ اچيھر ۾ مھر برادرج جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ سڱاوتي معاملي تان ھٿياربند گھر تي حملو ڪري 6 گھر ڀاتين زخمي ڪرڻ بعد عورت ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪري ويا هئا.