ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺو ويجھو سوا مھينو اڳ پراسرار نموني فوت ٿيل نوجوان جي قاتل سندس زال ۽ سالو نڪتا، ڪيس داخل، ٻئي جوابدار گرفتار، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي قتل جو اعتراف ڪيو آهي، خبرموجب سوا مهينو اڳ ٺڪراٺو ڀرسان مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ قيصر ڇڄڻ ۾ نوجوان جنسار ڇڄڻ پراسرار نموني فوت ٿي ويو هو، جنهن کي سندس گهرواري نجمه ۽ سالي رياض ڇڄڻ پاران قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، مقتول نوجوان جي ڀاءُ حبدار علي ڇڄڻ جي فرياد تي نجمه، رياض ڇڄڻ ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، فريادي ڄاڻايو آھي ته سندس ڀاءُ جنسار ڇڄڻ کي سندس ئي گھرواري نجمه ڇڄڻ ۽ سالي رياض ڇڄڻ گھٽا ڏئي قتل ڪيو، پوليس ٻڌايو ته مقتول جي گھرواري نجمه ۽ سالي رياض کي گرفتار ڪيو آھي، جاچ دوران ھُنن قتل جو اعتراف ڪيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.