ٺٽو(رپورٽر) ٺٽي ۾ ڏوهي وارداتون وڌي ويون، اڻڄاتل ڦورو ۽ چور 24 ڪلاڪن ۾ 3 وارداتون ڪري 16 لک روڪ رقم ۽ هڪ موٽرسائيڪل، موبائل فونز توڙي دڪان جا تالا ٽوڙي هزارين رپين جو قيمتي سامان پڻ چوري ڪري ويا. ان ڏس ۾ مليل ڄان موجب اڻڄاتل هٿيار بند ڦورو هٿيارن جي زور تي جھرڪ لڳ گجي واسي مرچن جي واپاري پير مامون شاھ کان حيدرآباد مان موٽندي روڪ رقم 16 لک ، موبائل فونز ۽ گاڏي جا ڪاغذ ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته گجو شهر مان پڻ ڏينهن ڏٺي گجي جي شاهي بازار مان خريداري لاءِ آيل صحت کاتي جي رٽائرڊ ملازم حاجي شهباڻي جي قومي شاهراھ تي بيٺل نئين موٽر سائيڪل اڻڄاتل چور ڪاهي فرار ٿي ويا هوڏانهن جھمپير شھر جي باءِ پاس تي قائم فضل بروھي جي مانڊڙي جا تالا اڻڄاتل چور رات دير سان ٽوڙي مانڊڙي ۾ رکيل ھزارين رپيا روڪ رقم ۽ قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن.