ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽو پوليس پاران 8 منشيات ۽ گٽڪو وڪرو ڪندڙ ۽ 3 روپوش سميت 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري وٽانئن چرس، ڪچو شراب، گٽڪي مائي جو مٽيريل ۽ ھڪ موٽر سائيڪل ھت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي ان ڏس ٺٽي جي ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻائيندي چيو ويو آھي ته ٺٽو، ساڪرو، گھوڙاٻاري، ڌاٻيجي پوليس ۽ سي آءِ اي ٺٽو جي انچارج ممتاز علي بروھي ڪاروائي ڪندي گٽڪي، مائي، منشيات وڪري توڙي مٽيريل سپلاءِ 8 جوابدارن غلام رسول مڱڻھار، خليل الله ٻاٻرو، نديم خاصخيلي، نعيم ميمڻ، نياز عمراڻي، نويد جمالي، عبدالعزيز ڪنڀار، مقبول ڪڙمون ۽ 3 روپوش جوابدارن سڪندر ملاح، حبدار ميرجت ۽ حاجي نوتيار سميت 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي