ٺٽو (رپورٽر ) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ 26هين ترميم خلاف ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ٺٽو جي وڪيلن جي هڙتال سبب عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر وڪيل اعجاز شاھه ۽ صدام حسين عباسي جي اڳواڻي ۾ بار جي وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري وڪيلن جي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌوءَ تي وڌيڪ نون 6 ڪئنالن ۽ 26هين ترميم خلاف احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.