ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽو  پوليس پاران منشيات وڪري ڪندڙن ۽ ٻن ڏوهارين سميت 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هڪ پسٽل، هڪ ريوالور ۽ وڏي انگ ۾ ڪچي شراب جون ٿيلهيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايس ڊاڪٽر محمد عمران جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻائيندي چيو آهي ته ٺٽي جي مختلف ٿاڻن ٺٽو، مڪلي، جھرڪ، سڪارو، گھوڙاٻاري، ڌاٻيجي ۽ سي آءِ اي پوليس پنهنجي حدن ۾ ڪارروائي ڪندي 16 جوابدارن جمشيد کوسو، زاهد انصاري، منصور خان پٺاڻ، قادر عرف قادو، محمد خاصخيلي،  طيب کوسو، صلاح الدين ٻٻر، رمضان مير بحر، اجمل، سعيد شيخ، نديم عمراڻي، نظام الدين انڙ، عبدالمجيد واريو، صالح ملاح، صدام ميمڻ ۽ اميد علي ڪيهر کي گرفتار ڪري سندن وٽان 342 ڪچي شراب جون ٿيلهيون، هڪ پسٽل ۽ ريوالور هٿ ڪري مٿن مختلف ٿاڻن تي نارڪوٽڪس ايڪٽ ۽ سنڌ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.